Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 23:32 - Sindhi Bible

32 اهو اوهان جي لاءِ پوري آرام جو سبت ٿيندو، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو: انهي مهيني جي نائين تاريخ جي شام کان وٺي ٻيءَ شام تائين، پنهنجي آرام جو وقت ڪري ليکجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 انهيءَ مهيني جي نائين تاريخ جي نماشام کان وٺي ڏهين تاريخ جي نماشام تائين اوهين مڪمل آرام وارو ڏينهن ملهائجو ۽ پنهنجي نفس کي مارجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 23:32
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ سبت جي ڏينهن کان اڳي، جڏهن يروشلم جي دروازن ۾ اونداهي ٿيڻ لڳي، تڏهن مون حڪم ڏنو تہ دروازا بند ڪريو، ۽ اهو بہ حڪم ڏنو تہ جيستائين سبت لنگهي نہ وڃي، تيستائين اُهي نہ کوليو: ۽ پنهنجن نوڪرن مان ڪن کي مون دروازن جي نظرداريءَ لاءِ ويهاريو، تہ متان سبت جي ڏينهن ڪو بار اندر کڄي اچي.


پر جڏهن اهي بيمار هئا، تڏهن مون کٿو ڍڪيو: ۽ مون روزا رکي پنهنجيءَ جان کي ڏک ڏنو؛ پر منهنجي دعا ڦري منهنجي سيني ۾ موٽي آئي.


شڪستہ روح خدا جي قرباني آهي: اي خدا تون شڪستہ دل کي حقير ڪين سمجهندين.


ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.


جيڪي صيون ۾ ماتم ٿا ڪن تن لاءِ اهو ٺهرايان تہ انهن کي رک جي بدران گلن جو ڇٽ، ۽ ماتم جي بدران خوشيءَ جو تيل، ۽ دل جي ڏک جي بدران تعريف جي پوشاڪ ڏيان؛ تہ اهي راستبازيءَ جا وڻ، ۽ خداوند جا پوکيل سڏجن، جنهن ڪري هن جو جلال ظاهر ٿئي.


اهو اوهان جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو: تہ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ اوهان مان هرڪو ماڻهو، پوءِ اهو اوهان جي ملڪ جو هجي، يا پرديسي، جو اوهان منجهہ اچي رهيو هجي، مطلب تہ اوهين سڀيئي پنهنجي روح جي رياضت ڪجو، ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو:


اهو اوهان جي آرام لاءِ پاڪ سبت آهي، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو؛ اهو هميشہ جي لاءِ قانون آهي.


انهي ستين مهيني جو ڏهون ڏينهن ڪفاري جو ڏينهن آهي: انهي ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿئي، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو؛ ۽ اوهين خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو.


انهي ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ، اوهان جي سڀني گهرن ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


مبارڪ آهن اُهي جي غمگين آهن، ڇالاءِ جو اُنهن کي تسلي ملندي.


پر جي اسين پاڻ کي جاچيون ها تہ اسان کي سزا نہ ملي ها.


تنهنڪري اچو تہ اسين انهي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو سعيو ڪريون تہ ڪوبہ ماڻهو انهن وانگر نافرماني ڪري گمراهہ نہ ٿئي.


ڇالاءِ جو اسان جن ايمان آندو، سي انهي آرام ۾ داخل ٿا ٿيون. جيئن ڪ هن چيو آهي، تہ ”مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ قسم کنيو هو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا،“ جيتوڻيڪ جهان جي بنياد کان ئي هن جا ڪم پورا ٿيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ