Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 23:28 - Sindhi Bible

28 انهي ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو: ڇالاءِ جو اهو ڪفاري جو ڏينهن آهي، ۽ خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ اوهان جي لاءِ ڪفارو ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪفاري جو ڏينهن آهي، جنهن تي مون خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ اوهان جي لاءِ ڪفارو ادا ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 23:28
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهي هوندي بہ خداوند جي مرضي ٿي تہ هن کي چٿي؛ انهيءَ هن کي ڏکي ڪيو: جڏهن هن جي جان گناهہ جي لاءِ قربان ڪئي ويندي، تڏهن هو پنهنجو نسل ڏسندو ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، ۽ خداوند جي مرضي هن جي هٿان پوري ٿيندي.


ستر هفتا تنهنجي قوم تي ۽ تنهنجي پاڪ شهر تي مقرر ٿيل آهن، جنهن عرصي ۾ گنهگاري پوري ٿيندي ۽ گناهہ موقوف ٿي ويندا، ۽ گناهہ جو ڪفارو ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ جٽاءُ ڪندڙ سچائي ايندي، ۽ رويا ۽ نبوت تي مهر ٿيندي، ۽ جيڪو سڀ کان پاڪ آهي تنهن کي مسح ڪيو ويندو.


انهي ڏينهن اوهان کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪفارو ڪيو ويندو، ۽ اوهين پنهنجن سڀني گناهن کان خداوند جي حضور ۾ پاڪ ٿيندا.


۽ هو پاڪ مڪان جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ هو جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪري؛ ۽ هو ڪاهن جي لاءِ، ۽ جماعت جي سڀني ماڻهن جي لاءِ ڪفارو ڪري.


۽ اهو اوهان جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو، تہ سال ۾ هڪڙو ڀيرو بني اسرائيل جي لاءِ، سندن سڀني گناهن جي سبب ڪفارو ڪيو وڃي، سو هن ائين ئي ڪيو جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


انهي ستين مهيني جو ڏهون ڏينهن ڪفاري جو ڏينهن آهي: انهي ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿئي، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو؛ ۽ اوهين خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو.


ڇالاءِ جو اهو پٿر ڏس جو مون يشوع جي اڳيان رکيو آهي؛ هڪڙي پٿر کي ست اکيون آهن: ڏس، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ان تي نقش اُڪريندس ۽ آءٌ هڪڙي ڏينهن ۾ انهيءَ زمين جو سڄو گناهہ مٽائيندس.


انهيءَ مرضي جي ڪري اسين يسوع مسيح جي بدن جي هڪڙي ئي دفعي قربان ٿيڻ جي وسيلي پاڪ ٿي ويا آهيون.


ڇالاءِ جو هڪڙي ئي قرباني چاڙهڻ سان هن هميشہ لاءِ انهن کي ڪامل ڪري ڇڏيو آهي، جي پاڪ ڪيا ٿا وڃن.


۽ هڪڙي ئي ڀيري هو پاڪ جاءِ ۾ ٻڪرين ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ ابدي نجات حاصل ڪري داخل ٿيو.


نہ تہ جهان جي شروعات کان وٺي گهڻائي ڀيرا کيس ڏک سهڻو پوي ها: پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ڀيرو ظاهر ٿيو، انهي لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناهہ مٽائي ڇڏي.


۽ اهو ئي اسانجن گناهن جو ڪفارو آهي؛ ۽ نہ رڳو اسانجن گناهن جو، پر ساري دنيا جي گناهن جو.


پيار هن ۾ نہ آهي تہ اسان خدا کي پيار ڪيو، پر انهي ۾ آهي تہ هن اسان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي گناهن جي ڪفاري لاءِ پنهنجي فرزند کي موڪليائين.


هي اهو ئي آهي جو پاڻيءَ ۽ رت سان آيو، يعني يسوع مسيح. نہ رڳو پاڻيءَ سان، پر پاڻي ۽ رت ٻنهي سان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ