لاوي سرشتو 23:24 - Sindhi Bible24 تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ پورو آرام ٿيندو، انهي ڏينهن يادگيريءَ جي لاءِ تريون وڄن، ۽ پاڪ جماعت گڏ ٿئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible24 بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ خاص آرام جو ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن جو اظهار نفيلون وڄائي ڪيو وڃي ۽ سڀيئي عبادت لاءِ گڏ ٿين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن قرنائن وڄائڻ وارا، ۽ ڳائڻ وارا، سڀ گڏجي هڪ ٿي خداوند جي شڪرگذاري ۽ تعريف ڪرڻ ۾ هڪڙو يڪو آواز ڪڍڻ لڳا؛ ۽ جڏهن هنن پنهنجو آواز قرنائن، ۽ جهانجهن، ۽ وڄائڻ جي سازن سان مٿي کنيو، ۽ خداوند جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اهو چڱو آهي: ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءَ واري آهي: تڏهن اهو گهر، يعني خداوند جو گهر هڪڙي ڪڪر سان ڀرجي ويو.