Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 23:21 - Sindhi Bible

21 ۽ اوهين انهي ساڳئي ڏينهن پڌرائي ڪرائجو، تہ اوهان جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿئي: ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ، اوهان جي سڀني گهرن ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 اوهين انهيءَ ساڳئي ڏينهن عيد ملهائجو. ان ڏينهن اوهين عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ هميشہ جو قانون هوندو، پوءِ اوهين کڻي ڪٿي بہ رهندا هجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 23:21
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي نسل جي وچ ۾، انهن جي سڀني پيڙهين لاءِ ابدي عهد ڪندس؛ آءٌ تنهنجو ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد جو خدا ٿيندس.


۽ جماعت واري تنبوءَ ۾، شاهديءَ واريءَ صندوق جي اڳيان جيڪو پردو ٿيندو، انهي جي ٻاهران هارون ۽ سندس پٽ سانجهيءَ کان وٺي صبح تائين خداوند جي حضور ۾ انهي جو بندوبست ڪن: اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ سندن سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ جاري رهي.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يسيءَ جي پاڙ، جا قومن ۾ نشان جي بجاءِ کڙي ٿيندي، تنهن کي قومون ڳولينديون؛ ۽ هن جي آرام جي جاءِ جلال واري ٿيندي.


۽ جيسين اوهين انهي ساڳئي ڏينهن، پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني نہ آڻيو، تيسين اوهين نہ ماني کائجو، نہ ڀڳل اَن، ۽ نڪي تازا سنگ کائجو: اهو اوهانجين سڀني پيڙهين لاءِ اوهان جي سڀني گهرن ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو.


تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ خداوند جون مقرر ڪيل عيدون، جن جي لاءِ اوهين پاڪ جماعتن جي گڏ ٿيڻ جي پڌرائي ڪندا، سي منهنجون مقرر ڪيل عيدون هي آهن.


۽ ڪاهن انهن کي پهرئين ڦل واري مانيءَ سان گڏ، خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قرباني ڪري لوڏي، اهي خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندا ۽ ڪاهن کي ملندا.


۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: ۽ اوهين خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو.


انهي ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ، اوهان جي سڀني گهرن ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو.


هي خداوند جون مقرر ڪيل عيدون آهن، يعني پاڪ جماعتون، جن جي اوهين ٺهرايل وقت تي پڌرائي ڪجو.


پهرئين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو: ۽ ٻيو ڪو محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.


۽ اهو اوهان جي رهڻ جي سڀني جاين ۾، ۽ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾، هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو، تہ اوهين چرٻي ۽ رت هرگز نہ کائو.


پر لاوي جماعت واري تنبوءَ جي خدمت ڪن، ۽ اهي هن جو گناهہ کڻن: اهو اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جو قانون رهندو، ۽ بني اسرائيل مان انهن کي ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو.


۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي جو تنهنجي ڳوٺ ۾ هجي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال، جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ