Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 23:20 - Sindhi Bible

20 ۽ ڪاهن انهن کي پهرئين ڦل واري مانيءَ سان گڏ، خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قرباني ڪري لوڏي، اهي خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندا ۽ ڪاهن کي ملندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 ڪاهن انهن ٻنهي گھيٽن کي پهرئين پيداوار جي روٽن سان گڏ مون خداوند جي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪري پيش ڪري. اهي ڪاهن جو حصو آهن جيڪي مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 23:20
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي سڀ هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکج، ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ لوڏي، لوڏڻ جي قرباني ڪج.


اوهين پنهنجن گهرن مان هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جون ٻہ مانيون لوڏڻ جي لاءِ آڻجو: اهي ميدي جون هجن، ۽ خمير گڏي پچائجن، تہ خداوند جي لاءِ پهرئين ڦر جي قرباني ٿئي.


۽ اوهين گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ يڪسالا گهيٽا پيش ڪجو.


۽ اوهين انهي ساڳئي ڏينهن پڌرائي ڪرائجو، تہ اوهان جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿئي: ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ، اوهان جي سڀني گهرن ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو.


پوءِ موسيٰ سينو کڻي لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ، خداوند جي حضور ۾ لوڏيو: اهو مخصوصيت واري گهٽي مان موسيٰ جو حصو هو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


تہ ”آسمان ۾ خدا جي وڏائي، ۽ زمين تي اُنهن ماڻهن منجهہ صلح، جن سان هو راضي آهي.“


جيڪڏهن اسان اوهان لاءِ روحاني شيون پوکيون، تہ اها ڪا وڏي ڳالهہ آهي ڇا تہ اسين اوهان جي جسماني شين ۾ حصيدار ٿيون؟


ڇالاءِ جو هو ئي اسان جو صلح آهي، جنهن ٻنهي کي هڪ ڪري ڇڏيو، ۽ جيڪا جدائيءَ جي ڀت وچ ۾ هئي سا ڊاهي ڇڏيائين.


تون پنهنجي ان مان، ۽ پنهنجي شراب مان، ۽ پنهنجي تيل مان پهريون ڦل، ۽ پنهنجين رڍن جي پهرين اُن، انهن کي ڏج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ