Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 23:1 - Sindhi Bible

1 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 خداوند موسيٰ سان ڳالهائيندي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 23:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سبت، ۽ نئين چنڊ، ۽ مقرر عيدن تي، هميشہ خداوند جي حضوريءَ ۾ پوري تعداد موجب، سڀ سوختني قربانيون قاعدي موجب چاڙهين.


ڏس آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ هڪڙو گهر ٿو جوڙيان ۽ انهيءَ کي سندس لاءِ مخصوص ٿو ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ سندس اڳيان خوشبودار لوبان ساڙڻ ۾ اچي، ۽ هميشہ نذر جي ماني کڻڻ ۾ اچي، ۽ صبح سانجهيءَ، ۽ سبت جي ڏينهن تي، ۽ نئين چنڊ جي ڏينهن تي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي ٺهرايل عيدن تي، سوختني قربانيون چاڙهڻ ۾ اچن. اهو اسرائيل جي لاءِ هميشہ جو قانون آهي.


يعني روزمرہ جي فرض موجب، موسيٰ جي حڪمن موافق، سبت جي ڏينهن تي، ۽ نئين چنڊ تي، ۽ ٺهرايل عيدن تي، سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني اڻ خمير ٿيل مانيءَ جي عيد تي، ۽ هفتن جي عيد تي، ۽ تنبن جي عيد تي، قربانيون چاڙهيون.


اڳتي اجايا نذرانا نہ آڻيو؛ لوبان ساڙڻ ڪري مون کي نفرت ٿي اچي؛ نئين چنڊ ۽ سبت ۽ جماعتن جي گڏ ٿيڻ مان بہ، ڇالاءِ جو آءٌ گناهہ سان عيد جي جماعت برداشت ڪري نٿو سگهان.


۽ تڪرار وقت هو منصف ٿي بيهن، ۽ منهنجن حڪمن موجب هو انصاف ڪن: ۽ منهنجن سڀني مقرر ڪيل عيدن تي منهنجي قاعدن جي سنڀال ڪن؛ ۽ منهنجن سبتن کي پاڪ رکن.


۽ پوءِ اهو انهي حاڪم جو فرض ٿيندو تہ سوختني قربانيون کاڌي جون قربانيون ۽ پيئڻ واريون قربانيون، عيدن تي، ۽ نوَن چنڊن تي، ۽ سبتن تي، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي مقرر ڪيل سڳورن ڏينهن تي ڏئي: هو گناهہ جي قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ سوختني قرباني، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون تيار ڪندو، انهي لاءِ تہ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ڪفارو ٿئي.


۽ عيدن تي ۽ سڳورن وقتن تي کاڌي جي قرباني ڍڳي جي پٺيان هڪڙو ايفہ، ۽ گهٽي جي پٺيان هڪڙو ايفہ، ۽ گهيٽن جي لاءِ جيترو هو ڏيئي سگهي، ۽ ايفہ جي پٺيان تيل جو هڪڙو هين ٿيندو.


۽ جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ اوهان جو خدا ٿيان: آءٌ خداوند آهيان.


تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ خداوند جون مقرر ڪيل عيدون، جن جي لاءِ اوهين پاڪ جماعتن جي گڏ ٿيڻ جي پڌرائي ڪندا، سي منهنجون مقرر ڪيل عيدون هي آهن.


سو موسيٰ بني اسرائيل کي خداوند جي مقرر ڪيل عيدن جو بيان ڪري ٻڌايو.


۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان قرباني ڪريو، يعني سوختني قرباني، يا پنهنجي مڃت پوري ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو، يا پنهنجي خوشيءَ جي قرباني ڪريو، يا پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي خداوند جي لاءِ ڌڻن يا ڍورن مان خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو؛


اوهين ڏينهن ۽ مهينن ۽ خاص وقتن ۽ ورهين کي ٿا مڃو.


تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو کاڌي پيتي بابت، يا ڪنهن عيد يا نئين چنڊ يا سبت جي نسبت ۾ اوهان تي الزام نہ آڻي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ