Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 22:9 - Sindhi Bible

9 تنهنڪري هو منهنجو حڪم ياد رکن، متان هو انهي جي ڪري گنهگار ٿين، ۽ انهي جي بي حرمتي ڪرڻ ڪري مري پون: آءٌ خداوند آهيان، جو کين پاڪ ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سڀيئي ڪاهن منهنجي انهن حڪمن تي عمل ڪن، انهيءَ لاءِ تہ متان انهن تي عمل نہ ڪرڻ سان انهن جي بي‌حرمتي ڪرڻ ڪري قصوروار ٿين ۽ مري پون. آءٌ خداوند آهيان جيڪو کين مخصوص ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 22:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃن، يا پاڪ مڪان ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ قربانگاهہ جي ويجهو وڃن، تڏهن اهي سندن بت تي هجن، تہ متان اهي ڏوهاري ٺهرجن ۽ مري پون: اهو قانون هن جي لاءِ، ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد جي لاءِ، هميشہ تائين قائم رهي.


پوءِ هو اهو لوبان خداوند جي حضور ۾ ٽانڊن تي وجهي، تہ لوبان جو دونهون شاهديءَ تي رکيل رحمت جي پوش کي ڍڪي ڇڏي، تہ هو مري نہ پوي:


۽ چيائينس تہ تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر پاڪ مڪان ۾ صندوق جي مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي، تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي؛ تہ هو مري نہ پوي: ڇالاءِ جو آءٌ رحمت جي پوش تي ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندس.


تنهنڪري اوهين منهنجو حڪم مڃيندا رهجو، انهي لاءِ تہ اوهان کان اڳي جيڪي مڪروهہ رسمون ۽ ڪم ڪيا ويا هئا، تن مان اوهين ڪوبہ نہ ڪريو، ۽ نڪي انهن جي ڪري پاڻ کي پليت ڪريو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


۽ انهي ڪري هنن تي گناهہ جو بار نہ وجهن: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان، جو کين پاڪ ٿو ڪريان.


۽ اڳتي بني اسرائيل جماعت واري تنبوءَ جي ويجهو نہ اچن، متان هو پاڻ تي گناهہ کڻن ۽ مري پون.


۽ جڏهن اوهان انهيءَ مان تمام چڱو حصو مٿي کنيو آهي، تڏهن انهي جي ڪري اوهان تي گناهہ نہ رهندو: سو اوهين بني اسرائيل جي پاڪ شين کي ناپاڪ نہ ڪجو، تہ مري نہ پئو.


بيوَقوف ۽ انڌا؛ ٻنهي مان ڪهڙو وڏو آهي، سون يا هيڪل، جنهن انهي سون کي پاڪ ڪيو آهي؟


تنهنڪري تون خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪر، ۽ هميشہ هن جي چئي تي، ۽ قانونن تي، ۽ فيصلن تي، ۽ هن جي حڪمن تي عمل ڪج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ