Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 22:4 - Sindhi Bible

4 هارون جي نسل مان جيڪو ماڻهو ڪوڙهيو هجي، يا جنهن کي پرميل جو مرض هجي، سو جيسين پاڪ نہ ٿئي، تيسين انهن پاڪ شين مان نہ کائي، ۽ جيڪو ڪنهن اهڙي شيءِ کي ڇهي، جا ڪنهن مڙهہ کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿي هجي، يا جنهن کي احتلام هجي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هارون جي اولاد مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض يا جريان جي مرض وارو هجي، تہ اهو جيستائين پاڪ نہ ٿئي تيستائين انهن مخصوص قربانين مان ڪجھہ بہ نہ کائي. جيڪڏهن ڪو اهڙو ڪاهن آهي جو ڪنهن اهڙيءَ شيءِ کي ڇهي جيڪا ڪنهن مُڙدي کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿي هجي، يا ڪاهن انزال ٿيو هجي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 22:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪي جانور اوهان جي لاءِ حلال آهن، تن مان جيڪڏهن ڪو مري پوي؛ تہ جيڪو انهي جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.


سڀ ڪو ڪپڙو ۽ چم جنهن تي مني پوي، سو پاڻيءَ سان ڌوئبو، ۽ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو: جيڪي قربانيون باهہ سان ساڙيون وڃن، تن ۾ هيءَ تمام پاڪ آهي.


۽ انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو: جيڪي قربانيون خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيون وڃن، تن مان هيءَ تمام پاڪ آهي.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ، هارون جا پٽ جي ڪاهن آهن، تن سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جڏهن اوهان جي قوم مان ڪو مري وڃي، تڏهن انهي جي لاءِ اوهين پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪريو:


هو پنهنجي خدا جي مانيءَ مان ڀلي کائي، پوءِ اها کڻي پاڪ ترين يا پاڪ مڪان جي هجي.


تڏهن حجيءَ چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مردي کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، ۽ اُهو انهن شين مان ڪا ڇهي تہ پوءِ اُها شيءِ ناپاڪ ٿيندي يا نہ؟ ۽ ڪاهنن ورندي ڏني تہ اُها ناپاڪ ٿيندي.


پاڪ شيون جيڪي بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن، تن مان کڻڻ واريون قربانيون، مون تو کي ۽ تو سان گڏ تنهنجن پٽن ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن: اهو تنهنجي لاءِ ۽ توسان گڏ تنهنجي اولاد جي لاءِ، خداوند جي حضور ۾ هميشہ جي واسطي لوڻ جو عهد آهي.


جيڪي شيون تمام پاڪ آهن، تن مان جيڪو باهہ کان بچايو ويندو سو تنهنجو ٿيندو: ۽ هنن جو هرڪو نذرانو، يعني هنن جي هرڪا کاڌي جي قرباني، ۽ هرڪا گناهہ جي قرباني، جا هو منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا، سا تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجن پٽن جي لاءِ تمام پاڪ ٿيندي.


پر جيڪو ماڻهو ناپاڪ ٿيو هوندو، ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ڪندو، سو ماڻهو جماعت منجهان تباهہ ڪيو ويندو، ڇالاءِ جو هن خداوند جي پاڪ مڪان کي ناپاڪ ڪيو آهي: ۽ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي هن تي نہ ڇڻڪيو ويو؛ ۽ هو ناپاڪ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ