31 تنهنڪري اوهين منهنجا حڪم مڃيندا رهجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.
31 سو اوهين منهنجا حڪم مڃيندا ۽ انهن تي عمل ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان.
اوهين منهنجن قانونن کي ياد رکجو. تون پنهنجي چوپائي مال کي جدا جنس سان لڳڻ نہ ڏج: تون پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻن قسمن جو ٻج گڏي نہ پوکج: ۽ نڪي تون ٻن شين مان اُڻيل ڪپڙي جي پوشاڪ ڍڪج.
اوهين منهنجا سڀ قانون، ۽ منهنجا سڀيئي حڪم مڃيندا رهجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.
انهي ساڳئي ڏينهن اها کائجو؛ انهي مان صبح تائين ڪي بہ نہ بچائجو: آءٌ خداوند آهيان.
۽ اوهين منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي نہ ڪجو؛ پر آءٌ بني اسرائيل ۾ پاڪ ليکجڻ ۾ ايندس: آءٌ خداوند آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان؛
پر منهنجن سڀني حڪمن کي ياد ڪري عمل ۾ آڻيو، ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ ٿيو:
۽ هن جا قانون ۽ هن جا حڪم، جي اڄ آءٌ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪر، تہ تنهنجو ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.