28 ۽ اوهين ڳئون، يا رڍ کي، ۽ انهيءَ جي ٻچي کي هڪڙي ئي ڏينهن ذبح نہ ڪجو.
28 اوهين ڳئن يا رڍن ٻڪرين کي سندن ڦرن سميت هڪڙي ئي ڏينهن تي قربانيءَ لاءِ ذبح نہ ڪجو.
تون پنهنجي زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻج. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.
تون پنهنجيءَ زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻج. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.
جيڪو جانور پاڻيهي مري سو اوهين نہ کائجو: جيڪو پرديسي تنهنجو شهر ۾ هجي تنهن کي تون اهو کائڻ لاءِ ڏيئي ٿو سگهين، يا اهو ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي وڪڻي ٿو سگهين: ڇالاءِ جو تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت آهين. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.