Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 22:2 - Sindhi Bible

2 تون هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ بني اسرائيل جون پاڪ شيون، جي هو منهنجي لاءِ پاڪ ڪن، تن کان پاڻ کي پري رکن، ۽ انهن جي ڪري منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي نہ ڪن: آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”تون هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ جيڪي مخصوص قربانيون بني اسرائيل جا ماڻهو منهنجي لاءِ وقف ڪن ٿا تن کي هو احتياط سان هٿ لائين، تان‌تہ منهنجي پاڪ نالي جي بي‌حرمتي نہ ٿئي. آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 22:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مون انهن کي چيو تہ اوهين خداوند جي لاءِ پاڪ آهيو، ۽ باسڻ بہ پاڪ آهن؛ ۽ روپو ۽ سون، خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا لاءِ خوشيءَ جو نذرانو آهي.


تڏهن جيڪو پهرين پيٽ مان نڪري، ۽ جانور جو بہ جيڪو پهريون ٻچو تو وٽ هجي، سو تون خداوند جي لاءِ ڌار ڪج: نر سڀ خداوند جا ٿيندا.


اها هارون جي پيشانيءَ تي رهندي، ۽ بني اسرائيل پنهنجي پاڪ نذرانن ۾ جيڪي پاڪ شيون آڻيندا، تن جا ڏوهہ هارون کڻندو؛ ۽ اها هميشہ سندس پيشانيءَ تي رهندي، انهي لاءِ تہ هو خداوند جي حضور ۾ قبول پون.


اوهين جي خداوند جا ٿانوَ ٿا کڻو، سي روانا ٿيو، روانا ٿيو، اوهين اُتان نڪري وڃو، ڪنهن بہ ناپاڪ شئي کي نہ ڇُهو: انهيءَ منجهان نڪري وڃو، ۽ پاڪ ٿيو.


۽ اوهان منهنجين پاڪ شين جي پوري سنڀال نہ ڪئي آهي: پر اوهان منهنجي پاڪ مڪان ۾ پاڪ شين جي سنڀاليندڙن کي پنهنجي لاءِ مقرر ڪيو آهي.


اهڙي طرح اوهين بني اسرائيل کي سندن ناپاڪيءَ کان جدا ڪجو: تہ اهي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ منهنجي عبادت جو تنبو، جو سندن وچ ۾ آهي، تنهن کي پليت ڪري مري نہ پون.


تون پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ جي واسطي باهہ مان لنگهڻ نہ ڏج، نڪي تون پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي ڪج: آءٌ خداوند آهيان.


اوهين منهنجو نالو وٺي، ڪوڙو قسم نہ کڻجو، ائين نہ ٿئي، تہ تون پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي ڪرين: آءٌ خداوند آهيان.


آءٌ بہ پنهنجو منهن انهي ماڻهوءَ کان ڦيرائيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس: ڇالاءِ جو هن پنهنجي اولاد مان ڪو مولڪ کي ڏئي، منهنجي پاڪ مڪان کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي ڪئي اٿس.


هو پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ رهن، ۽ پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي نہ ڪن: ڇالاءِ جو هو خداوند جي لاءِ باهہ جون قربانيون ٿا چاڙهين، جي سندن خدا جي خوراڪ آهن: تنهنڪري هو پاڪ رهن.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


۽ اوهين منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي نہ ڪجو؛ پر آءٌ بني اسرائيل ۾ پاڪ ليکجڻ ۾ ايندس: آءٌ خداوند آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان؛


۽ جڏهن اوهان انهيءَ مان تمام چڱو حصو مٿي کنيو آهي، تڏهن انهي جي ڪري اوهان تي گناهہ نہ رهندو: سو اوهين بني اسرائيل جي پاڪ شين کي ناپاڪ نہ ڪجو، تہ مري نہ پئو.


تنهنجن ڍورن ۽ تنهنجن ڌڻن ۾ جيڪي پهريان نر ٻچا هجن، سي تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ ڪري ڇڏج: تون پنهنجي پهرئين ڄاول وهڙي کان ڪو ڪم نہ وٺج، نڪي پنهنجي ڌڻ ۾ پهرئين ڄاول ٻچي جي اُن ڪترج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ