Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 22:19 - Sindhi Bible

19 تہ اوهين ڍڳن مان، يا رڍن مان، يا ٻڪرين مان ڪو بي عيب نر پيش ڪجو، تہ اوهين قبول پئو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 تہ هو قبول پوڻ واسطي ڍڳن، رڍن يا ٻڪرين مان ڪو بي‌عيب نر پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 22:19
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جو گهيٽو بي عيب هڪ سالو نر هئڻ گهرجي: اوهين رڍن مان گهيٽو، يا ٻڪرين مان ڇيلو ڪڍجو:


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڌڻن مان، يعني رڍن يا ٻڪرين مان، سوختني قرباني هجي؛ تہ هو هڪڙو بي عيب نر آڻي پيش ڪري.


بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهي، تڏهن اوهين پنهنجي قرباني، چوپائي مال مان، يعني ڍورن ۽ ڌڻن مان آڻجو.


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڍورن مان سوختني قرباني هجي، تہ اهو ڍور نر ۽ بي عيب هئڻ گهرجي: هو انهي کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي پيش ڪري، تہ هو پاڻ خداوند جي حضور ۾ قبول پوي.


ڇالاءِ تہ ڪوبہ ماڻهو جنهن ۾ ڪو عيب هجي، سو ويجهو نہ اچي: يعني انڌو، يا منڊو، يا چٻي نڪ وارو، يا جنهن جو ڪو عضوو وڌيل هجي،


جيڪڏهن هو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ گهيٽن مان آڻي، تہ بي عيب مادي آڻي.


۽ اڃا هو عدالت جي گاديءَ تي ويٺو ئي هو، تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ هن راستباز ماڻهوءَ کي ڪي بہ نہ ڪجانءِ: ڇالاءِ جو اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.


تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ منهنجي نٿا مڃين، اُٽلندو گوڙ ٿو مچي، تڏهن پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان هٿ ڌوتائين، ۽ چيائين تہ آئون هن راستباز ماڻهوءَ جي خون کان بي ڏوهو آهيان: اوهين پاڻ ڄاڻو.


۽ چوڻ لڳو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، جو بي ڏوهيءَ کي جهلايو اٿم. پر هنن چيس تہ انهي ۾ اسان جو ڇا؟ تون ڄاڻ، تنهنجو ڪم ڄاڻي.


هاڻي صوبيدار، ۽ ٻيا جن ساڻس گڏ يسوع تي نگهباني پئي ڪئي، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو جيڪي ٿيو هو سو ڏٺو، تڏهن ڏاڍا ڊڄي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ سچ پچ هي خدا جو فرزند هو.


۽ چيائين، تہ اوهين هن شخص تي هيءَ تهمت رکي مون وٽ وٺي آيا آهيو، تہ هو اُمت کي بگاڙي ٿو، ڏسو مون اوهان جي اڳيان هن کي تپاسي ڏٺو آهي تہ جن ڳالهين جي اوهين مٿس تهمت ٿا رکو، تن جي نسبت ۾ مون کي هن منجهہ ڪوبہ قصور ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو آهي؛


۽ اسان جي سزا تہ حقي واجبي آهي، جو اسين پنهنجو ڪيتو ٿا لوڙيون، پر هن ماڻهوءَ تہ ڪوبہ قصور ڪونہ ڪيو آهي.


۽ هي جيڪي ٿيو، سو صوبيدار ڏسي خدا جي تعريف ڪري چوڻ لڳو تہ بيشڪ هيءُ ماڻهو راستباز هو.


پوءِ پلاطس وري ٻاهر نڪتو، ۽ چيائين تہ اِجهو، آئون هن کي اوهان وٽ ٻاهر وٺي آيو آهيان، تہ اوهان کي خبر پوي تہ مون کي منجهس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نٿو اچي.


جنهن کي گناهہ جي ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي، تنهن کي هن اسان جي واسطي گناهہ ٺهرايو؛ انهي لاءِ تہ هن ۾ اسين خدا جي راستبازي ٿي پئون.


۽ هڪڙي اهڙي جلال واري ڪليسيا پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گهنج يا ڪا ٻي اهڙي شيءِ نہ هجي؛ پر اُها پاڪ ۽ بي عيب هجي.


۽ جيڪڏهن انهي ۾ ڪو عيب هجي، جيئن تہ هو منڊو يا انڌو هجي، يا ٻيو ڪو عيب هجيس، تہ اهو تون خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان قربانيءَ طور پيش نہ ڪج.


تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.


پر هڪڙي بي عيب ۽ بي داغ گهيٽي جي قيمتي رت سان ملي، يعني مسيح جي رت سان.


هن ڪري جو مسيح بہ هڪڙو ئي ڀيرو گناهن جي لاءِ ڏک سَٺو، يعني راستباز ناراستن لاءِ، تان تہ هو اسان کي خدا تائين پهچائي. هو جسماني طور مارجي ويو، پر روحاني طور جياريو ويو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ