Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 22:18 - Sindhi Bible

18 تون هارون، ۽ سندس پٽن، ۽ بني اسرائيل کي چئُہ تہ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي ماڻهو بني اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مڃت پوري ڪرڻ واسطي، يا خوشيءَ جي قربانيءَ لاءِ خداوند جي حضور ۾، سوختني قرباني پيش ڪري؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ”تون هارون، سندس پٽن ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چئُہ تہ بني اسرائيل قوم مان يا وٽن رهندڙ ڌارين مان جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي باس واري توڙي خوشيءَ جي قرباني، مون خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 22:18
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ قوري بن يمنہ لاوي، جو اُڀرندي واري در جو دربان هو، سو خدا جي خوشيءَ وارين قربانين تي مقرر هو ۽ خداوند جي نذرانن ۽ تمام پاڪ شين جي ورهائڻ وارو هو.


آءٌ هاڻي سندس اُمت جي روبرو خداوند جي حضور ۾ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.


آءٌ هاڻي سندس اُمت جي روبرو، خداوند جي حضور ۾ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.


وڏيءَ جماعت ۾ آءٌ تنهنجي ئي تعريف ٿو ڪريان؛ ۽ جيڪي هن کان ڊڄن ٿا تن جي اڳيان آءٌ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.


اي خدا مون تنهنجون مڃتائون مڃيون آهن: آءٌ تنهنجي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهيندس.


ڇو تہ اي خدا تو منهنجون مڃتائون ٻڌيون آهن: ۽ جيڪي تنهنجي نالي کان ڊڄن ٿا تن جهڙي ميراث مون کي ڏني اٿيئي.


سو آءٌ هميشہ تنهنجي نالي جي تعريف ڳائيندس، تہ آءٌ هر روز پنهنجون مڃتائون پوريون ڪريان.


اي خدا صيون ۾ تنهنجي تعريف جو انتظار آهي: ۽ تنهنجي مڃتا پوري ڪئي ويندي.


آءٌ سوختني قربانيون کڻي تنهنجي گهر ايندس، ۽ تو وٽ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.


اوهان جو گهيٽو بي عيب هڪ سالو نر هئڻ گهرجي: اوهين رڍن مان گهيٽو، يا ٻڪرين مان ڇيلو ڪڍجو:


جڏهن تون خدا جي اڳيان ڪا مڃتا مڃين، تڏهن انجي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪر؛ جيڪا مڃتا مڃين اُها پوري ڪر، ڇالاءِ جو هو بي عقلن مان خوش نٿو رهي.


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڌڻن مان، يعني رڍن يا ٻڪرين مان، سوختني قرباني هجي؛ تہ هو هڪڙو بي عيب نر آڻي پيش ڪري.


بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهي، تڏهن اوهين پنهنجي قرباني، چوپائي مال مان، يعني ڍورن ۽ ڌڻن مان آڻجو.


۽ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن منجهہ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو، تہ انهي رت کائڻ واري ماڻهوءَ کان آءٌ پنهنجو منهن ڦيرائيندس، ۽ انهن کي سندس قوم مان تباهہ ڪندس.


۽ بني اسرائيل مان، يا جيڪي پرديسي انهن منجهہ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو ڪنهن حلال جانور، يا حلال پکيءَ جو شڪار ڪري؛ سو انهي جو رت هاري ڇڏي، ۽ اهو مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏي.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


انهي کان سواءِ خداوند جي سبتن کي مڃيندا رهجو، ۽ پنهنجا نذرانا ۽ پنهنجيون مڃتا جون قربانيون، ۽ پنهنجيون خوشيءَ جون قربانيون، برابر پيش ڪندا رهجو.


پر جيڪڏهن هن جي قرباني ڪنهن مڃت، يا خاص خوشيءَ جي قرباني هجي، تہ اها بہ انهيءَ ڏينهن کائڻ ۾ اچي جنهن ڏينهن اها پيش ڪئي وڃي: پر جيڪڏهن انهيءَ مان ڪجهہ باقي بچي، تہ اهو ٻئي ڏينهن صبح جو کائجي:


۽ پنهنجي شڪرگذاريءَ جي قرباني خمير سان ادا ڪريو، ۽ خوشي جون قربانيون پڌريون ڪريو، ۽ انهن جو اشتهار ڪريو، ڇالاءِ جو اي بني اسرائيل، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اهو اوهان کي پسند آهي.


تڏهن اُنهن ماڻهن کي خداوند جو ڏاڍو ڊپ ٿيو؛ ۽ هنن خداوند جي اڳيان هڪڙي قرباني ادا ڪئي ۽ مڃتا مڃيائون.


پر آءٌ شڪرگذاريءَ جي آواز سان تنهنجي اڳيان قرباني چاڙهيندس؛ جيڪا مڃتا مون مڃي آهي، سا آءٌ پوري ڪندس. نجات خداوند وٽان آهي.


ڏس، جبلن تي انهيجا پير آهن جو خوشخبري آڻي ٿو، ۽ سلامتيءَ جو اشتهار ٿو ڪري! اي يهوداهہ، تون پنهنجون عيدون ۽ پنهنجا مڃتائون پوريون ڪر. ڇالاءِ جو شرير وري تو منجهان لنگهي نہ ويندو؛ هو بلڪل چٽ ٿي ويو آهي.


پر لعنت آهي اُنهيءَ دغاباز تي، جنهن جي گلي ۾ نر هوندي بہ هو خداوند جي لاءِ عيب واري جانور جي مڃت مڃي اُها قربان ٿو ڪري: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان، ۽ منهنجو نالو قومن ۾ مهيب آهي.


۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان قرباني ڪريو، يعني سوختني قرباني، يا پنهنجي مڃت پوري ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو، يا پنهنجي خوشيءَ جي قرباني ڪريو، يا پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي خداوند جي لاءِ ڌڻن يا ڍورن مان خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو؛


هاڻي پولس ٻيا بہ گهڻا ڏينهن اُتي رهيو، پوءِ ڀائرن کان موڪلائي جهاز تي چڙهي شام ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ساڻس گڏ پرسڪلہ ۽ اڪولہ بہ هئا. ۽ جيئن تہ هن منت مڃي هئي تيئن ڪنخريہ ۾ پنهنجو مٿو بہ ڪُوڙايائين.


۽ تنهنجي اَن، ۽ تنهنجي شراب، ۽ تنهنجي تيل جو ڏهون حصو، ۽ تنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا، ۽ تنهنجون مڃتائون، ۽ تنهنجون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ تنهنجي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، انهن مان ڪابہ شيءِ تون پنهنجن دروازن جي اندر کائي نٿو سگهين:


۽ اتي اوهين پنهنجون سوختنيون قربانيون، ۽ پنهنجون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون، ۽ پنهنجا ڏهان حصا، ۽ پنهنجي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ پنهنجون مڃتائون، ۽ پنهنجون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ پنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا پيش ڪجو:


۽ جيتري برڪت خداوند تنهنجي خدا توکي ڏني هجي، تنهن موجب تون نذرانو آڻي، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ هفتن جي عيد ملهائج:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ