اها هارون جي پيشانيءَ تي رهندي، ۽ بني اسرائيل پنهنجي پاڪ نذرانن ۾ جيڪي پاڪ شيون آڻيندا، تن جا ڏوهہ هارون کڻندو؛ ۽ اها هميشہ سندس پيشانيءَ تي رهندي، انهي لاءِ تہ هو خداوند جي حضور ۾ قبول پون.
اوهان گناهہ جي قرباني پاڪ جاءِ ۾ ويهي ڇو نہ کاڌي، جنهن صورت ۾ اها تمام پاڪ آهي، ۽ خداوند اوهان کي انهي لاءِ ڏني آهي، تہ اوهين جماعت جو گناهہ کڻي، خداوند جي حضور ۾ انهي جي لاءِ ڪفارو ڪريو؟
فقط ايترو جو هو پردي جي اندر نہ وڃي، نڪي قربانگاهہ جي ويجهو وڃي، ڇالاءِ جو هن ۾ عيب آهي: متان هو منهنجي پاڪ مڪانن جي بي حرمتي ڪري: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان، جو انهي کي پاڪ ٿو ڪريان.
جيڪڏهن هن جي سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ڪجهہ گوشت ٽئين ڏينهن تائين کائبو، تہ اها قبول نہ پوندي، نڪي اها ڏيڻ واري جي بِلي شمار ٿيندي: اهو گوشت مڪروهہ آهي، ۽ جيڪو انهي مان کائيندو تنهن تي انهي جي گناهہ جو بار پوندو.
پوءِ خداوند هارون کي فرمايو تہ پاڪ مڪان جي بابت خطا جو بار تو تي، ۽ توسان گڏ تنهنجن پٽن تي، ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻي تي ايندو؛ ۽ تنهنجيءَ ڪهانت جي خطا جو بار تو تي، ۽ توسان گڏ تنهنجن پٽن تي ايندو.
۽ جڏهن اوهان انهيءَ مان تمام چڱو حصو مٿي کنيو آهي، تڏهن انهي جي ڪري اوهان تي گناهہ نہ رهندو: سو اوهين بني اسرائيل جي پاڪ شين کي ناپاڪ نہ ڪجو، تہ مري نہ پئو.