تون هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ بني اسرائيل جون پاڪ شيون، جي هو منهنجي لاءِ پاڪ ڪن، تن کان پاڻ کي پري رکن، ۽ انهن جي ڪري منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي نہ ڪن: آءٌ خداوند آهيان.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي پاڪ شين جي بابت ڀل مان ڪو قصور يا گناهہ ڪري؛ تہ هو پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو، خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت تنهنجي انداز موجب، پاڪ مڪان جي مشقالن جهڙو چانديءَ جو مشقال هجي، اها گناهہ جي قرباني آهي: