Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 21:9 - Sindhi Bible

9 ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ ڪسبياڻي ٿي پاڻ کي پليت ڪري، تہ هوءَ پنهنجي پيءُ کي پليت ٿي ڪري، تنهنڪري انهيءَ کي باهہ سان ساڙيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ ڪسبياڻي ٿي پاڻ کي پليت ڪري، تہ هوءَ پنهنجي پيءُ کي بي‌حرمت ٿي ڪري، تنهنڪري انهيءَ کي ساڙي ڇڏڻ جي سزا ڏني وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 21:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو جو اٽڪل ٽن مهينن کان پوءِ ڪن ماڻهن يهوداہ کي خبر ڏني تہ سندس ننهن تمر، ڪسبياڻي وارو ڪم ڪيو آهي، بلڪ ڏس، هوءَ حرام مان حاملہ ٿي آهي. تڏهن يهوداہ چيو تہ هن کي وٺي اچو ۽ ساڙي ڇڏيوس.


تنهنڪري اوهين سبت جو ڏينهن قائم رکجو، ڇو تہ اهو اوهان جي لاءِ پاڪ آهي؛ جيڪو بہ انهي کي ناپاڪ ڪندو سو ضرور ماريو ويندو؛ جيڪو انهي ڏينهن ڪو ڪم ڪندو، سو پنهنجيءَ قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.


صيون ۾ جيڪي گنهگار آهن، سي ڊڄي ويا آهن؛ بي دينن کي اوچتو ڏڪڻي وٺي وئي آهي. اسان مان ڪير تباهہ ڪندڙ باهہ سان رهندو؟ اسان مان ڪير هميشہ جي کورن سان رهندو؟


ٻڍي توڙي جوان، ڪنواري توڙي ننڍن ٻارن ۽ زالن کي اصل قتل ڪري ڇڏيو: پر جنهن ماڻهوءَ تي نشان هجي، انهي کي ويجهو نہ اچجو؛ ۽ منهنجي پاڪ مڪان کان شروع ڪريو. تڏهن هنن بزرگن کان شروع ڪيو، جي گهر جي اڳيان هئا.


تون پنهنجي ڌيءَ کي ڪسبياڻي ٿيڻ لاءِ پليت نہ ڪج؛ متان ملڪ ۾ زناڪاري ٿيڻ لڳي، ۽ ملڪ بڇڙائيءَ سان ڀرجي وڃي.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال ۽ پنهنجي سس ٻنهي کي رکندو، تہ اها بڇڙائي آهي. اهو ماڻهو ۽ هو ٻئي زالون باهہ ۾ ساڙيا ويندا؛ انهي لاءِ تہ اوهان ۾ بڇڙائي نہ رهي.


ڏسو، آءٌ اوهان جي خاطر ٻج کي ڇينڀيندس، بلڪ اوهان جي قربانين جو ڇيڻو اوهان جي منهن تي پکيڙيندس؛ ۽ اوهين اُنهي سان هڪاليا ويندا.


تہ پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گهر جي در تي وٺي اچن، ۽ سندس شهر جا ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين: ڇالاءِ جو هن پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ زناڪاري ڪري اسرائيل ۾ بيعزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


جي بي الزام هجن، ۽ هڪڙي ئي زال هجينِ، ۽ سندن ٻار ايمان وارا هجن، ۽ مٿن بدچاليءَ يا سرڪشيءَ جي تهمت نہ آيل هجي.


۽ جيڪو ماڻهو انهي لعنت ڪيل شيءِ سان پڪڙيو ويندو، سو جيڪي وٽس هوندو تنهن سميت باهہ سان ساڙيو ويندو: ڇالاءِ جو هن خداوند جو عهد اقرار ڀڳو آهي، ۽ ڇالاءِ جو هن اسرائيل ۾ گناهہ جو ڪم ڪيو آهي.


۽ يشوع چيو تہ ڇو تو اسان کي تڪليف ڏني آهي؟ خداوند اڄوڪي ڏينهن توکي تڪليف ڏيندو. پوءِ سڀني اسرائيلين هن کي سنگسار ڪيو؛ ۽ هن کي باهہ سان ساڙي پٿرن سان سنگسار ڪيائون.


۽ انهن جوان ماڻهن جو گناهہ خداوند جي اڳيان تمام وڏو هو: ڇالاءِ جو ماڻهو خداوند جي قربانيءَ کان نفرت ڪندا هئا.


۽ اها تنهنجي لاءِ نشاني هوندي، جا تنهنجن ٻن پٽن، حفني ۽ فنحاس تي ايندي؛ هڪڙي ئي ڏينهن اُهي ٻئي مري ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ