Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 21:6 - Sindhi Bible

6 هو پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ رهن، ۽ پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي نہ ڪن: ڇالاءِ جو هو خداوند جي لاءِ باهہ جون قربانيون ٿا چاڙهين، جي سندن خدا جي خوراڪ آهن: تنهنڪري هو پاڪ رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هو مون پنهنجي خدا جي لاءِ مخصوص رهي ۽ منهنجي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪري. جيئن تہ هو مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ٿو ڪري، تنهنڪري هو مخصوص رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 21:6
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مون انهن کي چيو تہ اوهين خداوند جي لاءِ پاڪ آهيو، ۽ باسڻ بہ پاڪ آهن؛ ۽ روپو ۽ سون، خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا لاءِ خوشيءَ جو نذرانو آهي.


۽ ڪاهن بہ، جيڪي خداوند جي حضور ۾ اچن، سي پاڻ کي پاڪ ڪن، تہ ائين نہ ٿئي جو خداوند مٿن ڪڙڪي پوي.


۽ تون نج سون جي هڪڙي تختي جوڙج، ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪري ڇڏج ”خداوند جي لاءِ پاڪ.“


آءٌ جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ کي پاڪ ڪندس، ۽ آءٌ هارون ۽ سندس پٽن کي بہ پاڪ ڪندس، تہ منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪاهن ٿين.


اوهين جي خداوند جا ٿانوَ ٿا کڻو، سي روانا ٿيو، روانا ٿيو، اوهين اُتان نڪري وڃو، ڪنهن بہ ناپاڪ شئي کي نہ ڇُهو: انهيءَ منجهان نڪري وڃو، ۽ پاڪ ٿيو.


جو اوهان منهنجي ماني، ۽ چرٻي، ۽ رت، پيش ڪرڻ وقت انهن ڌارين ماڻهن کي منهنجي پاڪ مڪان ۾، يعني منهنجي گهر ۾ آڻي انهي کي پليت ڪيو، جي دل جا اڻ طهريل آهن ۽ جسم جا بہ اڻ طهريل آهن؛ ۽ انهن منهنجو عهد اقرار ڀڃي اوهانجن سڀني بڇڙن ڪمن ۾ زيادتي ڪئي آهي.


تڏهن موسيٰ هارون کي چيو تہ، هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي جا خداوند فرمائي هئي، تہ جيڪي منهنجي ويجهو ايندا، تن ۾ آءٌ پاڪ سمجهيو ويندس، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو: ۽ هارون ماٺ ڪري بيهي رهيو.


تون پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ جي واسطي باهہ مان لنگهڻ نہ ڏج، نڪي تون پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي ڪج: آءٌ خداوند آهيان.


اوهين منهنجو نالو وٺي، ڪوڙو قسم نہ کڻجو، ائين نہ ٿئي، تہ تون پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي ڪرين: آءٌ خداوند آهيان.


آءٌ بہ پنهنجو منهن انهي ماڻهوءَ کان ڦيرائيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس: ڇالاءِ جو هن پنهنجي اولاد مان ڪو مولڪ کي ڏئي، منهنجي پاڪ مڪان کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي ڪئي اٿس.


هارون کي چئُہ تہ تنهنجي اولاد مان سندن سڀني پيڙهين ۾، جنهن ۾ ڪوبہ عيب هجي، سو پنهنجي خدا جي خوراڪ پيش ڪرڻ لاءِ ويجهو نہ اچي.


مطلب تہ هارون ڪاهن جي اولاد مان جنهن بہ ماڻهوءَ ۾ ڪو عيب هجي، سو خداوند جي لاءِ باهہ جون قربانيون چاڙهڻ واسطي ويجهو نہ اچي. ڇالاءِ جو انهيءَ ۾ عيب آهي؛ هو خدا جي کاڌي جي قرباني چاڙهڻ لاءِ ويجهو نہ اچي.


فقط ايترو جو هو پردي جي اندر نہ وڃي، نڪي قربانگاهہ جي ويجهو وڃي، ڇالاءِ جو هن ۾ عيب آهي: متان هو منهنجي پاڪ مڪانن جي بي حرمتي ڪري: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان، جو انهي کي پاڪ ٿو ڪريان.


تنهنڪري تون انهي کي پاڪ ڄاڻ؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجي خدا جي خوراڪ پيش ٿو ڪري: اهو تنهنجي لاءِ پاڪ رهندو: ڇوتہ آءٌ خداوند پاڪ آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان.


۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي.


پوءِ هن قورح ۽ سندس سڄي ٽوليءَ کي چيو تہ سڀاڻي صبح جو خداوند پاڻيهي ڏيکاريندو تہ ڪير سندس آهي، ۽ ڪير پاڪ آهي، ۽ ڪنهن کي هو پاڻ وٽ ٿو سڏي؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي هو پسند ڪندو، تنهن کي ئي پاڻ وٽ سڏيندو.


بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چئُہ، تہ منهنجو نذرانو، يعني منهنجي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جا باهہ سان ساڙبي آهي، سا اوهين ياد ڪري ٺهرايل وقت تي منهنجي لاءِ ادا ڪندا رهجو.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ