13 هو ڪنواري زال سان شادي ڪري.
13 هو رڳو ڪنواريءَ سان شادي ڪري.
نڪي هو ڪنهن رن زال سان شادي ڪن، ۽ نہ ڪنهن طلاق ڏنل زال سان: پر هو بني اسرائيل جي نسل مان ڪنواريون ڇوڪريون پرڻجن، يا اُها رن زال جا ڪنهن ڪاهن جي بيواهہ هجي.
۽ هو پاڪ مڪان کان ٻاهر نہ نڪري، نڪي پنهنجي خدا جي پاڪ مڪان جي بي حرمتي ڪري؛ ڇالاءِ جو هن تي سندس خدا جي مسح ڪرڻ واري تيل جو تاج آهي: آءٌ خداوند آهيان.
بيوہ، يا طلاق ڏنل، يا خراب زال، يا ڪسبياڻيءَ سان هو شادي نہ ڪري: پر پنهنجي قوم مان ڪنهن ڪنواريءَ زال سان شادي ڪري.
هو اهڙي زال نہ ويهارين، جا ڪسبياڻي يا خراب هجي؛ يا جنهن کي سندس مڙس ڇڏي ڏنو هجي: ڇالاءِ جو هو پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ آهي.
ڇالاءِ تہ مون کي اوهان لاءِ غيرت آهي جهڙي خدا جي غيرت آهي: هن ڪري جو مون اوهان کي هڪڙي مڙس سان مڱايو، انهي لاءِ تہ اوهان کي پاڪ دامن ڪنواريءَ وانگر مسيح وٽ حاضر ڪريان.
هي اُهي ماڻهو هئا، جي زالن سان ناپاڪ نہ ٿيا؛ ڇالاءِ جو اُهي ڪنوارا هئا ۽ گهيٽي جي پٺيان جيڏانهن هو وڃي ٿو اوڏانهن ٿا وڃن. اُهي مخلوقات مان خريد ڪيا ويا هئا، تہ خدا لاءِ ۽ گهيٽي لاءِ پهريون ڦل ٿين.