Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 21:10 - Sindhi Bible

10 ۽ جيڪو پنهنجي ڀائرن ۾ سردار ڪاهن هجي، يعني جنهن جي مٿي تي مسح ڪرڻ جو تيل اوتيل هجي، ۽ جو پوشاڪ پائڻ لاءِ مخصوص ڪيل هجي، سو پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙي، نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جيڪو پنهنجي ڀائرن ۾ سردار ڪاهن هجي، جنهن جي مٿي تي مسح ڪرڻ جو تيل پئٽي پاڪ پوشاڪ پائڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو هجيس، سو ڪنهن جي مرڻ تي پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙي، نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 21:10
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ کٿو گوڏ ٻڌائين ۽ ڪيترائي ڏينهن پنهنجي پٽ جي لاءِ ماتم ڪندو رهيو.


۽ دائود زيتونن جي جبل واريءَ چاڙهيءَ تي چڙهي ويو، ۽ چڙهندي روئندو ويو؛ ۽ سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اُگهاڙا هئا: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني جا مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي مٿي چڙهندي روئندا هليا.


۽ مردڪئي وري بہ بادشاهہ جي در تي آيو. پر هامان تڪڙو ٿي ڏک ۾ مٿو ڍڪي گهر هليو ويو.


تڏهن ايوب اُٿيو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين، ۽ پنهنجو مٿو ڪوڙيائين، ۽ زمين تي ڪري سجدو ڪرڻ لڳو؛


اهو انهي قيمتي تيل جهڙو آهي جو هارون جي مٿي تي وڌو ويو، ۽ سندس کاڏيءَ جي وارن تان يعني هارون جي ڏاڙهيءَ تان وهي سندس ڪپڙن جي دامن تائين اچي پهتو؛


پوءِ مسح ڪرڻ جو تيل کڻي، اهو سندس مٿي تي وجهج، ۽ کيس مسح ڪج.


آهون ڀر، پر آهستي؛ مُئل جي لاءِ ماتم اصل نہ ڪر، پنهنجي مٿي تي پٽڪو ٻڌ ۽ پيرن ۾ جُتي پاءِ، ۽ پنهنجا چپ نہ ڍڪ، ۽ سوءَ جي ماني نہ کاءُ.


جنهن ڪوڙهئي کي اهڙو مرض هجي، سو ڦاٽل ڪپڙا پائي، ۽ مٿي اُگهاڙو گهمي، ۽ پنهنجو مٿيون چپ ڍڪي ڇڏي، ۽ وڏي سڏ چوي، تہ ناپاڪ، ناپاڪ.


۽ جيڪو بہ ڪاهن مسح ڪيو وڃي، ۽ جيڪو پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي ڪاهن ٿيڻ لاءِ مخصوص ڪيو وڃي، سو ڪفارو ڪري، ۽ سڻيءَ جا ڪپڙا، يعني پاڪ پوشاڪ ڍڪي:


۽ جيڪڏهن ڪو مسح ڪيل ڪاهن ڪو اهڙو گناهہ ڪري جنهنڪري سڄي اُمت ڏوهاري ٿئي؛ تہ پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو آهي، تنهن جي لاءِ هڪڙو بي عيب وهڙو خداوند جي حضور ۾ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ آڻي پيش ڪري.


۽ هن مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجهہ هارون جي مٿي تي اوتيو، ۽ انهي کي مسح ڪيائين تہ پاڪ ٿئي.


۽ جماعت انهي خونيءَ کي انهي خون جي وير وٺڻ واري جي چنبي مان ڇڏائي، ۽ جماعت ئي هن کي سندس پناهہ جي شهر ۾ موڪلي ڏئي، جتي هو ڀڄي ويو هجي: ۽ پاڪ تيل سان مسح ڪيل سردار ڪاهن جي موت تائين، هو اتي ئي رهي.


هو پنهنجي پيءُ، يا پنهنجيءَ ماءُ، يا پنهنجي ڀاءُ، يا پنهنجيءَ ڀيڻ جي موت تي بہ پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو خداوند جي لاءِ پرهيزگاريءَ جي مڃتا سندس مٿي تي آهي.


تڏهن سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چوڻ لڳو تہ هن ڪفر بڪيو آهي: شاهدن جي ٻي اسان کي ڪهڙي گهرج آهي؟ ڏسو، اوهان ڪفر جي ڳالهہ ٻڌي آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ