Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 20:9 - Sindhi Bible

9 ۽ جيڪو پنهنجي پيءُ تي يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪندو، سو ضرور ماريو ويندو: هن پنهنجي پيءُ يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪئي آهي؛ ۽ انهي جو خون سندس گردن تي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جيڪو ماڻهو پنهنجي پيءُ يا ماءُ تي لعنت ڪندو، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. جيئن تہ هن پنهنجي پيءُ يا ماءُ تي لعنت ڪئي تنهنڪري سندس خون سندس ئي سر تي هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 20:9
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود هن کي چيو تہ تنهنجو خون تنهنجي گردن تي هجي: ڇالاءِ جو تو پاڻ شاهدي ڏني آهي، ۽ چيو اٿئي تہ مون خداوند جي مسح ڪيل کي قتل ڪيو آهي.


۽ خداوند سندس خون خود سندس سر تي موٽائي وجهندو، ڇالاءِ جو هن ٻن اهڙن ماڻهن تي ڪاهہ ڪئي جي کانئس سچار ۽ بهتر هئا، ۽ انهن کي ترار سان قتل ڪيائين، ۽ منهنجي پيءُ دائود کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر ئي نہ پيئي، يعني ابنير بن نير، اسرائيل جي سپهہ سالار کي، ۽ عماسا بن يتر، يهوداہ جي سپهہ سالار کي.


جيڪو پنهنجي پيءُ تي يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪري، سو ضرور ماريو وڃي.


جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي لعنت ڪري ٿو تنهنجو ڏيئو سخت اونداهيءَ ۾ وسايو ويندو.


ڪا پيڙهي اهڙي آهي جا پنهنجي پيءُ کي پٽي ٿي، ۽ پنهنجي ماءُ کي دعا نٿي ڪري.


جا اک پنهنجي پيءُ تي ٺٺولي ڪري ٿي، ۽ پنهنجي ماءُ جي فرمانبرداري ڪرڻ کي پسند نٿي ڪري، تنهن کي واديءَ جا ڪانگ ٺونگا هڻي پٽي ويندا، ۽ ڳجهہ جا ٻچا کائي ويندا.


وياج تي پئسا ڏنا هوندائين ۽ وڌيڪ ورتو هوندائين: سو ڪو جيئندو ڇا؟ اُهو ڪڏهن نہ جيئندو: جنهن اهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن: اُهو ضرور مرندو؛ انهي جو خون سندس مٿان آهي.


تو ۾ هنن ماءُ پيءُ ڏانهن حقارت پئي ڏيکاري آهي؛ تنهنجي وچ ۾ هنن پرديسين سان ظلم پي ڪيو آهي: تو ۾ هنن يتيمن ۽ بيوهن کي پئي ستايو آهي.


جيڪڏهن ڪا زال ڪنهن جانور وٽ وڃي، ۽ انهي جي هيٺان وڃي سمهي، تہ اوهين انهيءَ جانور ۽ انهيءَ زال کي قتل ڪري ڇڏجو: اهي ٻئي ضرور ماريا وڃن؛ انهن جو خون سندن گردن تي آهي.


جيڪو مرد يا زال ڀوپو يا جادوگر هجي، سو ضرور ماريو وڃي: انهي کي پهڻن سان سنگسار ڪيو وڃي: انهن جو خون سندن گردن تي آهي.


ڇالاءِ جو خدا چيو آهي تہ پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ماءُ جي عزت ڪريو: ۽ جيڪو پيءُ يا ماءُ جي گلا ڪري سو ڀلي تہ اُڦٽ ماريو وڃي.


۽ سڀني ماڻهن ورندي ڏيئي چيو، تہ ڀلي تہ هن جو خون اسان تي، ۽ اسان جي اولاد تي هجي.


ڇالاءِ جو موسيٰ فرمايو آهي تہ پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ جي عزت ڪريو، ۽ جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جي گلا ڪري، سو اُڦٽ ماريو وڃي.


جيڪو ماڻهو ماءُ پيءُ جي بيعزتي ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو بہ تنهنجي گهر جي در مان نڪري گهٽيءَ ۾ ويندو، انهيءَ جو رت انهيءَ جي مٿي تي رهندو، ۽ اسين ڏوهاري نہ ٿينداسين: ۽ جيڪو بہ گهر ۾ تو وٽ هوندو تنهن تي جيڪڏهن ڪنهن جو هٿ هليو تہ انهيءَ جو خون اسان جي مٿان پوندو.


انهي لاءِ تہ يروبعل جي ستر پٽن سان جيڪو ظلم ٿيو هو، سو ظاهر ٿئي، ۽ انهن جو خون سندس ڀاءُ ابيملڪ تي رکيو وڃي، جنهن هنن کي ماريو، ۽ سڪم جي ماڻهن تي بہ، جن هن کي پنهنجي ڀائرن جي مارڻ ۾ مدد ڪئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ