Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 20:7 - Sindhi Bible

7 تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ پاڪ رهو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اوهين پاڻ کي منهنجي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ مخصوصيت واري حالت ۾ رهو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 20:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان: تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ مقدس ٿيو؛ ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان. جيڪو بہ سرندڙ جيت زمين تي سري ٿو، تنهن سان اوهين پاڻ کي پليت نہ ڪجو:


ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، انهي لاءِ تہ آءٌ اوهان جو خدا ٿيان: تنهنڪري اوهين پاڪ ٿيو، ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان.


تون بني اسرائيل جي ساري جماعت سان گفتگو ڪري کين چئُہ، تہ اوهين پاڪ ٿيو؛ ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڪ آهيان.


۽ هو پنهنجي تخم کي پنهنجي قوم ۾ بي آبرو نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان، جو هن کي پاڪ ٿو ڪريان.


فقط ايترو جو هو پردي جي اندر نہ وڃي، نڪي قربانگاهہ جي ويجهو وڃي، ڇالاءِ جو هن ۾ عيب آهي: متان هو منهنجي پاڪ مڪانن جي بي حرمتي ڪري: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان، جو انهي کي پاڪ ٿو ڪريان.


تنهنڪري تون انهي کي پاڪ ڄاڻ؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجي خدا جي خوراڪ پيش ٿو ڪري: اهو تنهنجي لاءِ پاڪ رهندو: ڇوتہ آءٌ خداوند پاڪ آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان.


جيئن تہ هن اسان کي جهان جي شروعات کان اڳ ۾ هن ۾ چونڊي ڪڍيو تہ اسين سندس اڳيان محبت ۾ پاڪ ۽ بي عيب ٿيون:


تنهنڪري جيئن خدا جا چونڊيل ۽ پاڪ پيارا آهيو، تيئن رحمدليءَ ۽ مهربانيءَ ۽ نماڻائيءَ ۽ حليمائيءَ ۽ تحمل جو جامو پهريو؛


جو خدا جي مرضي اِها آهي تہ اوهين پاڪ رهو: ۽ زناڪاريءَ کان پاسو ڪريو؛


ڇالاءِ جو خدا اسان کي ناپاڪيءَ جي لاءِ نہ، پر پاڪيزگيءَ جي لاءِ سڏيو آهي.


سڀني ماڻهن سان ميل ميلاپ رکو، ۽ پاڪيزگيءَ جا طالب ٿيو، جنهن کانسواءِ ڪوبہ ماڻهو خداوند کي نہ ڏسندو.


تڏهن يشوع انهن ماڻهن کي چيو تہ اوهين خداوند جي عبادت ڪري نہ سگهندا؛ ڇالاءِ جو هو پاڪ خدا آهي؛ هو غيرت وارو خدا آهي؛ هو اوهان جون خطائون ۽ اوهان جا گناهہ معاف نہ ڪندو.


۽ يشوع ماڻهن کي چيو تہ پاڻ کي اوهين پاڪ ڪريو؛ ڇالاءِ جو سڀاڻي خداوند اوهان منجهہ ڪي عجائب ظاهر ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ