Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 20:5 - Sindhi Bible

5 تہ پوءِ آءٌ پنهنجو منهن انهي ماڻهوءَ کان، ۽ انهي جي گهراڻي کان ڦيرائيندس، ۽ انهي کي، ۽ جيڪي انهي سان گڏجي زنا ڪندا، ۽ مولڪ جي پيروي ڪري زناڪار ٿيندا، تن سڀني کي سندن قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تہ پوءِ آءٌ پاڻ انهيءَ ماڻهوءَ ۽ سندس گھراڻي جو مخالف ٿيندس ۽ انهيءَ کي ۽ جيڪي مولڪ جي پٺيان لڳي مون سان بي‌وفائي ڪندا، تن سڀني کي قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 20:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانسواءِ هن يهوداہ جي جبلن ۾ مٿانهيون جايون ٺهرايون، ۽ يروشلم جي رهاڪن کي زناڪار ڪيائين، ۽ يهوداہ کي گمراهہ ڪري ڇڏيائين.


انهيءَ طرح اهي پنهنجي ڪمن جي ڪري پليت ٿيا، ۽ پنهنجي افعالن جي ڪري زناڪار ٿي پيا.


تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان عداوت رکندا آهن، تن جي پٽن کي ۽ انهن جي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ کي ڏيندو آهيان؛


اُگهاڙين ٽڪرين ڏانهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاري ڏس؛ ڪٿي توسان ڪو نہ ستو آهي؟ رستن جي ڪناري، بيابان جي عرب وانگي تون هنن جي لاءِ ويٺي آهين؛ ۽ تو هن ملڪ کي پنهنجن زناڪارين سان، ۽ پنهنجي بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.


۽ آءٌ هنن کي هڪڙي دل ۽ هڪڙي واٽ ڏيندس، تہ هميشہ مون کان ڊڄندا رهن، تہ کين، ۽ کانئن پوءِ سندن اولاد کي چڱائي رسي:


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ بڇڙائيءَ جي لاءِ پنهنجو منهن اوهان جي برخلاف ڪندس، انهي لاءِ تہ يهوداہ کي وڍي ڇڏيان.


۽ آءٌ بعليم جي ڏينهن جي سزا هن تي آڻيندس، جن جي لاءِ هوءَ لوبان ساڙيندي هئي؛ جڏهن هوءَ پاڻ کي پنهنجن پنڙن ۽ پنهنجن جواهرن سان سينگاري پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي، ۽ مون کي وساري ڇڏيندي هئي، خداوند ائين ٿو فرمائي.


ڇالاءِ جو هنن جي ماءُ ڪڃري ٿي گذاريو آهي: جنهن جي پيٽ ۾ هو هئا، تنهن خواريءَ جهڙو ڪم ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ آءٌ پنهنجن يارن جي پٺيان وينديس، جي مون کي ماني ۽ پاڻي، اُن ۽ سڻي، تيل ۽ شراب ٿا ڏين.


۽ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن منجهہ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو، تہ انهي رت کائڻ واري ماڻهوءَ کان آءٌ پنهنجو منهن ڦيرائيندس، ۽ انهن کي سندس قوم مان تباهہ ڪندس.


۽ اڳتي هو ڀوتن جي لاءِ پنهنجون قربانيون نہ چاڙهين، جن جي پيروي ڪندي هو زناڪار ٿيا آهن، اهو هنن جي لاءِ سندن پيڙهين ۾ هميشہ جو قانون ٿيندو.


۽ جڏهن هو پنهنجي اولاد مان ڪو مولڪ کي ڏيندو، ۽ جي ملڪ جا ماڻهو انهي کان اک ٻوٽ ڪندا، ۽ انهي کي قتل نہ ڪندا:


۽ جيڪو ماڻهو ڀوپن ۽ جادوگرن ڏانهن منهن ڪندو، ۽ انهن جي پيروي ڪري زناڪار ٿيندو، آءٌ انهي ماڻهو جي برخلاف ٿيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ