Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 20:27 - Sindhi Bible

27 جيڪو مرد يا زال ڀوپو يا جادوگر هجي، سو ضرور ماريو وڃي: انهي کي پهڻن سان سنگسار ڪيو وڃي: انهن جو خون سندن گردن تي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 جيڪو بہ مرد يا عورت مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙ يا ڀوپو هجي، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. انهن کي سنگسار ڪيو وڃي. سندن خون سندن ئي سر تي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 20:27
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن پنهنجن ٻارن کي هنوم جي واديءَ ۾ باهہ منجهان بہ لنگهايو؛ ۽ هن فال وجهڻ جو ڪم ڪرايو، ۽ منڊ، ۽ جادوگري ڪم ۾ آندائين؛ ۽ جن کي جن ڀوت ايندا هئا تن سان، ۽ ڏائڻين سان واهپو رکيائين: هن خداوند جي نظر ۾ گهڻا ئي خراب ڪم ڪيا، جنهنڪري هن کي ڪاوڙ ڏياريائين.


تون ڪنهن جادوگر زال کي جيئرو متان ڇڏين.


جيڪي ڀوپا ۽ جادوگر آهن، تن ڏانهن منهن نہ ڪجو، نڪي انهن کي ڳولي وٽن وڃجو، متان اوهين انهن سان ناپاڪ ٿيو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


انهي کان سواءِ تون بني اسرائيل کي چئج، تہ بني اسرائيل مان، يا جيڪي پرديسي اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو پنهنجو اولاد مولڪ کي نذر ڪري ڏيندو، سو ضرور ماريو ويندو: ملڪ جا ماڻهو انهي کي سنگسار ڪري ڇڏين.


۽ جيڪو ماڻهو ڀوپن ۽ جادوگرن ڏانهن منهن ڪندو، ۽ انهن جي پيروي ڪري زناڪار ٿيندو، آءٌ انهي ماڻهو جي برخلاف ٿيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس.


جنهن شخص لعنت ڪئي آهي، تنهن کي ڪڍي منزلگاهہ کان ٻاهر آڻ؛ ۽ جن جن اها ٻڌي آهي، سي سڀيئي پنهنجا هٿ انهي جي مٿي تي رکن، ۽ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪري.


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هن ماڻهوءَ کي ضرور ماري ڇڏڻ گهرجي، ۽ ساري جماعت منزلگاهہ جي ٻاهران هن کي سنگسار ڪري.


۽ هيئن ٿيو تہ جيئن اسين اُنهيءَ دعا گهُرڻ واري جاءِ ڏانهن پئي وياسين، تيئن اسان کي هڪڙي ٻانهي گَڏِي، جنهن ۾ غيب دان ڀوت هوندو هو، سا اڳڪٿيون ڪري پنهنجي ڌڻين کي گهڻو ئي ڪمائي ڏيندي هئي.


پوءِ انهي جي شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. انهي طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج؛ ۽ سڀ اسرائيلي اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.


هاڻي سموئيل مري ويو هو، ۽ سڀني اسرائيلين سندس لاءِ ماتم ڪري کيس سندس شهر رامہ ۾ دفن ڪيو هو. ۽ سائول انهن سڀني ڀوپن، ۽ جادوگرن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ