Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 20:26 - Sindhi Bible

26 ۽ اوهين منهنجي لاءِ پاڪ ٿيو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند پاڪ آهيان، ۽ اوهان کي قومن مان چونڊي ڌار ڪيو اٿم، انهي لاءِ تہ اوهين منهنجا ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 اوهين منهنجي لاءِ پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند پاڪ آهيان. مون اوهان کي ٻين قومن مان چونڊي ڌار ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين منهنجا ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 20:26
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُهي پنهنجن ڀائرن ۽ پنهنجن اميرن سان شامل ٿيا، ۽ لعنت، ۽ قسم ۾ شامل ٿيا، تہ خدا جي انهيءَ شريعت تي هلنداسين، جا خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏني هئي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي سڀني حڪمن، ۽ فيصلن ۽ قاعدن کي مڃينداسين ۽ انهن تي هلنداسين؛


اوهين خداوند اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو، ۽ سندس پيرن جي صندليءَ وٽ سجدو ڪريو: ڇو جو هو پاڪ آهي.


خداوند اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو، ۽ سندس پاڪ جبل تي سجدو ڪريو؛ ڇو جو خداوند اسان جو خدا پاڪ آهي.


ڇالاءِ جو هاڻي ڪيئن خبر پوندي تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي، ۽ تنهنجيءَ اُمت تي آهي؟ ڇا، اهو انهي مان ڪين معلوم ٿيندو تہ تون اسان سان گڏجي هلين، جنهنڪري آءٌ ۽ تنهنجي اُمت، سڀني قومن کان ڌار ليکجون؟


رستي کان نڪري ٻاهر ٿيو، واٽ کان ڦري پاسي ٿيو، اسرائيل جي قدوس کي اسان جي اڳ کان پري ڪريو.


۽ هڪڙي ٻئي کي سڏي چيو تہ لشڪرن جو خداوند، قدوس، قدوس، قدوس، آهي: ساري زمين هن جي جلال سان ڀرپور آهي.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان: تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ مقدس ٿيو؛ ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان. جيڪو بہ سرندڙ جيت زمين تي سري ٿو، تنهن سان اوهين پاڻ کي پليت نہ ڪجو:


تون بني اسرائيل جي ساري جماعت سان گفتگو ڪري کين چئُہ، تہ اوهين پاڪ ٿيو؛ ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڪ آهيان.


پر مون اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين انهن جي زمين جا وارث ٿيندا، ۽ آءٌ اها اوهان کي ملڪيت ڪري ڏيندس، جنهن زمين ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي ٻين قومن کان ڌار ڪيو آهي.


تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ پاڪ رهو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


اوهين منهنجا قانون ياد رکجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان.


ڇالاءِ جو تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ اُمت آهين، ۽ خداوند زمين جي سڀني قومن مان توکي پنهنجي خاص اُمت ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.


ڇالاءِ جو اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت آهيو: خداوند اوهان جي زمين جي سڀني قومن مان، اوهان کي پنهنجي خاص اُمت ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


تڏهن يشوع انهن ماڻهن کي چيو تہ اوهين خداوند جي عبادت ڪري نہ سگهندا؛ ڇالاءِ جو هو پاڪ خدا آهي؛ هو غيرت وارو خدا آهي؛ هو اوهان جون خطائون ۽ اوهان جا گناهہ معاف نہ ڪندو.


۽ فلدلفيہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک تہ هو جو پاڪ ۽ سچو آهي، جنهن وٽ دائود جي ڪنجي آهي، جنهن جي کوليل کي ڪوبہ بند نہ ڪندو، ۽ جنهن جي بند ڪيل کي ڪوبہ نہ کوليندو، سو هيئن ٿو چوي تہ


۽ انهن چئني جاندارن مان هرهڪ کي ڇهہ پر هئا، ۽ چوڌاري ۽ اندران اکين سان ڀريا پيا هئا؛ ۽ اهي رات ڏينهن سدائين پيا ڳائين، قدوس، قدوس، قدوس آهي خداوند خدا، قادر مطلق، جو هو، ۽ آهي، ۽ اچڻ وارو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ