Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 20:22 - Sindhi Bible

22 تنهنڪري اوهين منهنجن سڀني قانونن ۽ منهنجن سڀني فيصلن کي ياد رکجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: انهي لاءِ تہ متان جنهن زمين ۾ رهڻ لاءِ آءٌ اوهان کي موڪليان ٿو، سا اوهان کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 اوهين منهنجي سڀني قانونن ۽ حڪمن کي مڃجو ۽ انهن تي عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ آءٌ اوهان کي موڪليان ٿو سو متان اوهان کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 20:22
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ اُهي هن جي قانون کي مڃين، ۽ سندس شريعت تي عمل ڪن. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.


مون قسم کنيو آهي، ۽ انهي تي قائم آهيان، تہ آءٌ تنهنجن سچن فيصلن تي عمل ڪندو رهندس.


ق آءٌ پنهنجي سالم دل سان دعا ٿو ڪريان؛ اي خداوند مون کي جواب ڏي: آءٌ تنهنجن قانونن تي عمل ڪندس.


تنهنجي ڪلام جو مطلب سچ آهي؛ ۽ تنهنجيءَ راستبازيءَ جا سڀ فيصلا هميشہ تائين قائم رهندا.


آءٌ تنهنجيءَ راستبازي جي فيصلن جي لاءِ، ڏينهن ۾ ست ڀيرا تنهنجي تعريف ٿو ڪريان.


شل منهنجي واتان تنهنجي تعريف ٿئي؛ ڇالاءِ جو تون مون کي پنهنجا قانون ٿو سيکارين.


شل منهنجي جان جيئري رهي، ۽ اها تنهنجي تعريف ڪندي؛ شل تنهنجا فيصلا منهنجي مدد ڪن.


منهنجي جان تنهنجي فيصلن جي انتظار ۾ هميشہ بيقرار آهي.


شل منهنجي دل تنهنجن قاعدن بابت ڪامل ٿئي، تہ آءٌ شرمندو نہ ٿيان.


هاڻي جيڪي قانون تون انهن کي ٻڌائيندين سي هي آهن.


۽ آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجهندس، ۽ اوهان کي پنهنجي قانونن تي هلائيندس، ۽ اوهين منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا.


اوهين منهنجا سڀ قانون، ۽ منهنجا سڀيئي حڪم مڃيندا رهجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.


۽ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ دربدر ڪندس، ۽ اوهان جي پٺيان ترار ڪڍندس: ۽ اوهان جو ملڪ ويران، ۽ اوهان جا شهر غير آباد ٿي ويندا.


يعني هي اهي شهادتون، اهي قانون، ۽ اهي فيصلا آهن، جيڪي موسيٰ بني اسرائيل کي مصر مان نڪرڻ کان پوءِ،


پوءِ موسيٰ سڀني بني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي ٻڌو، انهي لاءِ تہ اوهين اهي سکو، ۽ انهن تي عمل ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ