Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 20:2 - Sindhi Bible

2 انهي کان سواءِ تون بني اسرائيل کي چئج، تہ بني اسرائيل مان، يا جيڪي پرديسي اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو پنهنجو اولاد مولڪ کي نذر ڪري ڏيندو، سو ضرور ماريو ويندو: ملڪ جا ماڻهو انهي کي سنگسار ڪري ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 بني اسرائيل لاءِ فرمايو تہ ”اوهان مان يا اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي ٻارن مان ڪو مولڪ ديوتا کي نذر ڪري ڏيندو، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. سڀيئي ماڻهو انهيءَ کي سنگسار ڪري ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 20:2
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سليمان يروشلم جي اڳيان جيڪو جبل آهي، تنهن ۾ موآب جي بت ڪموس لاءِ، ۽ بني عمون جي بت مولڪ لاءِ، هڪڙي مٿانهين جاءِ جوڙائي.


۽ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي باهہ مان لنگهايائون، ۽ فالون ۽ جادوگريون ڪم ۾ آندائون، ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ خراب هو، تنهن جي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيائون تہ هن کي ڪاوڙائين.


۽ توفت، جو بني هنوم جي واديءَ ۾ آهي، تنهن کي هن پليت ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي پٽ يا پنهنجي ڌيءَ کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان نہ لنگهائي.


تنهن کانسواءِ هن هنوم جي پٽ جي واديءَ ۾ لوبان ساڙيو، ۽ جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو، تن جي ڪراهت جهڙين رسمن موجب هن پنهنجا ٻار باهہ ۾ ساڙيا.


هن پنهنجن ٻارن کي هنوم جي واديءَ ۾ باهہ منجهان بہ لنگهايو؛ ۽ هن فال وجهڻ جو ڪم ڪرايو، ۽ منڊ، ۽ جادوگري ڪم ۾ آندائين؛ ۽ جن کي جن ڀوت ايندا هئا تن سان، ۽ ڏائڻين سان واهپو رکيائين: هن خداوند جي نظر ۾ گهڻا ئي خراب ڪم ڪيا، جنهنڪري هن کي ڪاوڙ ڏياريائين.


۽ بيگناهن جو، يعني پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جو رت وهايائون، جن کي انهن ڪنعان جي بتن جي اڳيان قربان ڪيو؛ ۽ ملڪ کي رت سان پليت ڪيائون.


۽ هنن بعل جا اُهي مٿانهان مڪان جوڙيا، جي هنوم جي واديءَ ۾ آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجن ڌيئن کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان لنگهائين؛ جنهن جي ڪرڻ لاءِ مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نڪي اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن، ۽ يهوداہ کان گناهہ ڪرائين.


۽ هنن توفت، جو هنوم جي پٽ جي واديءَ ۾ آهي، تنهن تي مٿانهان مڪان اڏيا آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئن کي باهہ ۾ ساڙين؛ پر مون اهڙو حڪم نہ ڪيو، ۽ نہ اهڙي ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي.


۽ مون هنن کي خود سندن نذرانن ۾ ناپاڪ ڪيو؛ جنهن صورت ۾ هنن جا سڀ پهريان ڄاول باهہ مان ٿي لنگهايا، تہ آءٌ هنن کي سُڃو سکڻو ڪريان، انهي لاءِ تہ هو ڄاڻن تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ جڏهن اوهين پنهنجا نذرانا پيش ٿا ڪريو، ۽ پنهنجا پٽ باهہ مان ٿا لنگهايو، تڏهن اوهين پاڻ کي اڄ ڏينهن تائين پنهنجن سڀني بُتن سان ناپاڪ ٿا ڪريو ڇا؟ تہ بہ اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين مون کان پنهنجي لاءِ ڪجهہ پڇندا ڇا؟ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ اوهان کي ڪجهہ بہ پڇڻ نہ ڏيندس:


ڇالاءِ جو هنن زناڪاري ڪئي آهي ۽ انهن جي هٿن تي رت آهي، ۽ پنهنجن بُتن سان هنن زنا ڪئي آهي؛ ۽ جيڪي پٽ هنن مون مان ڄڻيا تن کي بہ هنن انهن لاءِ باهہ مان لنگهايو آهي، تہ ڳڙڪي وڃن.


ڇالاءِ جو پنهنجن ٻارن کي پنهنجن بُتن تي ڪُهڻ کانپوءِ ساڳئي ڏينهن هو منهنجي پاڪ مڪان ۾ آيا تہ انهي کي پليت ڪن؛ ۽ ڏس، منهنجي گهر جي وچ ۾ هنن ائين ڪيو آهي.


۽ بني اسرائيل مان، يا جيڪي پرديسي انهن منجهہ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو ڪنهن حلال جانور، يا حلال پکيءَ جو شڪار ڪري؛ سو انهي جو رت هاري ڇڏي، ۽ اهو مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏي.


۽ جيڪو ساهوارو پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانور ڦاڙين، تنهن کي جيڪو کائيندو، پوءِ اهو ماڻهو اوهان جي ملڪ جو هوندو، يا پرديسي هوندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو: تنهن کان پوءِ هو پاڪ ٿيندو.


۽ تون انهن کي چئُہ تہ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو بہ ماڻهو سوختني يا ٻي ڪا قرباني پيش ڪري،


تون پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ جي واسطي باهہ مان لنگهڻ نہ ڏج، نڪي تون پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي ڪج: آءٌ خداوند آهيان.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


جيڪو مرد يا زال ڀوپو يا جادوگر هجي، سو ضرور ماريو وڃي: انهي کي پهڻن سان سنگسار ڪيو وڃي: انهن جو خون سندن گردن تي آهي.


جنهن شخص لعنت ڪئي آهي، تنهن کي ڪڍي منزلگاهہ کان ٻاهر آڻ؛ ۽ جن جن اها ٻڌي آهي، سي سڀيئي پنهنجا هٿ انهي جي مٿي تي رکن، ۽ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪري.


۽ جيڪو خداوند جي نالي تي ڪفر بڪندو سو ضرور قتل ڪيو ويندو؛ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪندي: اهو پرديسي هجي توڙي ديسي هجي، پر جنهن وقت هو خداوند جي نالي تي ڪفر بڪندو، تنهن وقت هو ضرور قتل ڪيو ويندو.


۽ جيئن موسيٰ بني اسرائيل کي چيو، تيئن هنن انهي لعنت ڪرڻ واري کي منزلگاهہ کان ٻاهر آندو، ۽ پهڻ هڻي سنگسار ڪيائونس. سو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن ئي بني اسرائيل ڪيو.


۽ اوهان مولڪ جو تنبو، ۽ پنهنجي ديوتا رفان جو تارو، ۽ جي مورتون اوهان پوڄڻ لاءِ جوڙيون، سي ساڻ کنيون؛ هاڻي آئون اوهان کي بابل کان بہ پري ڪڍي ڇڏيندس.“


پر تون خداوند پنهنجي خدا سان ائين نہ ڪج: ڇالاءِ جو هرڪو ڪراهت جهڙو ڪم، جنهن کان خدا کي نفرت آهي، سو انهن پنهنجن معبودن لاءِ ڪيو آهي؛ بلڪ اهي پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي بہ معبودن جي اڳيان باهہ ۾ ساڙين ٿا.


تنهنجا ڳوٺ، جي خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنا آهن، تن مان ڪنهن ۾ بہ جيڪڏهن ڪو اهڙو مرد يا ڪا زال لڀي، جنهن خداوند تنهنجي خدا جو عهد ڀڃي، ڪو اهڙو ڪم ڪيو هجي، جو هن جي نظر ۾ بڇڙو هجي،


اوهان ۾ ڪوبہ ماڻهو اهڙو نہ هجي، جو پنهنجي پٽ يا پنهنجيءَ ڌيءَ کي باهہ مان لنگهائي، يا جو غيب گوئي ڪري، يا جو سوڻ ساٺ ڪري، يا جو فال وجهي، يا جو جادوگري ڪري،


پوءِ انهي جي شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. انهي طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج؛ ۽ سڀ اسرائيلي اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.


تہ پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گهر جي در تي وٺي اچن، ۽ سندس شهر جا ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين: ڇالاءِ جو هن پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ زناڪاري ڪري اسرائيل ۾ بيعزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ