Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 20:14 - Sindhi Bible

14 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال ۽ پنهنجي سس ٻنهي کي رکندو، تہ اها بڇڙائي آهي. اهو ماڻهو ۽ هو ٻئي زالون باهہ ۾ ساڙيا ويندا؛ انهي لاءِ تہ اوهان ۾ بڇڙائي نہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن عورت ۽ سندس ماءُ ٻنهي جي اوگھڙ ڏسي تہ اها وڏي بڇڙائي آهي. سو انهيءَ ماڻهوءَ کي ٻنهي عورتن سميت ساڙي ڇڏڻ جي سزا ڏني وڃي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان منجھہ اهڙي بڇڙائي نہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 20:14
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون ڪنهن بہ زال ۽ سندس ڌيءَ ٻنهي جو ننگ نہ کولج؛ تون انهيءَ زال جي پٽ جي ڌيءَ، يا سندس ڌيءَ جي ڌيءَ کي ننگ کولڻ لاءِ متان وٺين؛ اهي ويجهيون مائٽياڻيون آهن: اها وڏي بدڪاري آهي.


۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ ڪسبياڻي ٿي پاڻ کي پليت ڪري، تہ هوءَ پنهنجي پيءُ کي پليت ٿي ڪري، تنهنڪري انهيءَ کي باهہ سان ساڙيو وڃي.


هو غريبن جي مٿي جي مٽيءَ جي لالچ ۾ پيا سهڪن، ۽ حليمن کي سندن راهہ کان ٿا ڦيرائين: ۽ پيءُ ۽ پٽ ٻئي ساڳي ڇوڪريءَ وٽ وڃي، منهنجي پاڪ نالي کي ناپاڪ ٿا ڪن.


جيڪو ماڻهو پنهنجي سس سان سمهي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


۽ جيڪو ماڻهو انهي لعنت ڪيل شيءِ سان پڪڙيو ويندو، سو جيڪي وٽس هوندو تنهن سميت باهہ سان ساڙيو ويندو: ڇالاءِ جو هن خداوند جو عهد اقرار ڀڳو آهي، ۽ ڇالاءِ جو هن اسرائيل ۾ گناهہ جو ڪم ڪيو آهي.


۽ يشوع چيو تہ ڇو تو اسان کي تڪليف ڏني آهي؟ خداوند اڄوڪي ڏينهن توکي تڪليف ڏيندو. پوءِ سڀني اسرائيلين هن کي سنگسار ڪيو؛ ۽ هن کي باهہ سان ساڙي پٿرن سان سنگسار ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ