1 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
1 خداوند موسيٰ کي
۽ جيڪو تنهنجي خدا جي شريعت موجب، ۽ بادشاهہ جي قاعدي موجب هلت نہ ڪري، تنهن تي ضرور سزا جاري ٿئي، پوءِ موت هجي، يا شهر نيڪالي هجي، يا مال متاع جي ضبطي هجي، يا قيد هجي.
۽ هنن توفت، جو هنوم جي پٽ جي واديءَ ۾ آهي، تنهن تي مٿانهان مڪان اڏيا آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئن کي باهہ ۾ ساڙين؛ پر مون اهڙو حڪم نہ ڪيو، ۽ نہ اهڙي ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي.
جو تو منهنجا ٻار ڪُٺا آهن، ۽ هنن جي لاءِ باهہ مان لنگهائي انهن کي ڏيئي ڇڏيا اٿيئي؟
اوهين منهنجا سڀ قانون، ۽ منهنجا سڀيئي حڪم مڃيندا رهجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.
انهي کان سواءِ تون بني اسرائيل کي چئج، تہ بني اسرائيل مان، يا جيڪي پرديسي اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو پنهنجو اولاد مولڪ کي نذر ڪري ڏيندو، سو ضرور ماريو ويندو: ملڪ جا ماڻهو انهي کي سنگسار ڪري ڇڏين.
خداوند هزارن گهيٽن ۽ ڏهن هزارن تيل جي ندين سان خوش ٿيندو ڇا؟ آءٌ پنهنجي خطا لاءِ پنهنجو پهريون ڄاول ٻار، ۽ پنهنجي روح جي گناهہ لاءِ پنهنجي جسم جو ڦر ڏيان ڇا؟
جيڪڏهن اوهين خدا کان ڊڄندا، ۽ انهي جي عبادت ڪندا، ۽ اُنهي جو حڪم مڃيندا، ۽ خداوند جي حڪم جي برخلاف باغي نہ ٿيندا، ۽ اوهين توڙي جيڪو بادشاهہ اوهان تي بادشاهي ڪري ٿو، ٻئي خداوند پنهنجي خدا جي پيروي ڪندا، تہ چڱو: