Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 2:9 - Sindhi Bible

9 ۽ ڪاهن انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان ڪجهہ ڪڍي، انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ ڪاهن انهيءَ سڄي اناج جي قربانيءَ مان ڪجھہ حصو کڻي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 2:9
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون اهو سڄو گهٽو قربانگاهہ تي ساڙج: اها خداوند جي لاءِ سوختني قرباني آهي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، ۽ باهہ سان ساڙي ويندي.


انهي هوندي بہ خداوند جي مرضي ٿي تہ هن کي چٿي؛ انهيءَ هن کي ڏکي ڪيو: جڏهن هن جي جان گناهہ جي لاءِ قربان ڪئي ويندي، تڏهن هو پنهنجو نسل ڏسندو ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، ۽ خداوند جي مرضي هن جي هٿان پوري ٿيندي.


۽ هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي، سوختني قرباني ڪري ساڙي، اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


پوءِ ڪاهن انهيءَ مان ڪجهہ سڻڀو اَن، ۽ ڪجهہ تيل، ۽ سمورو لوبان ڪڍي، يادگيريءَ لاءِ ساڙي: اها خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.


۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، تن وٽ اهو کڻي اچي: ۽ ڪاهن انهي تيل گڏيل ميدي مان، ساري لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري ڪڍي، پوءِ اهو انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


تون اِنهن شين مان ٺاهيل کاڌي جي قرباني، خداوند جي حضور ۾ آڻج؛ ۽ اها ڪاهن وٽ آڻي حاضر ڪج، ۽ هو اها قربانگاهہ وٽ کڻي اچي،


۽ تون هرهڪ قطار تي خالص لوبان رکج. انهي لاءِ تہ اهو مانين تي يادگيريءَ جي لاءِ رهي، يعني خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.


۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن اها قربانگاهہ تي رکي ساڙي، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ هو اهو ڪاهن وٽ کڻي اچي، ۽ ڪاهن انهي مان هڪڙي مٺ يادگار لاءِ ڀري ڪڍي، ۽ قربانگاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي جي باهہ سان ساڙبيون آهن: اها گناهہ جي قرباني آهي.


۽ هو انهي مان، يعني کاڌي جي قربانيءَ واري ميدي مان، ٿورو تيل سميت مٺ ڀري ڪڍن، ۽ کاڌي جي قربانيءَ تي جيڪو لوبان هجي، سو سڀ کڻي، ۽ يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي، خداوند جي حضور ۾ چڱي خوشبوءِ جي لاءِ ساڙين.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ترار منهنجي ريڍار جي، يعني انهيءَ انسان جي، جو منهنجو رفيق آهي، تنهن جي برخلاف اُٿ، ۽ ريڍار کي ڌڪ هڻ، تہ رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وڃن: ۽ آءٌ ننڍن تي بہ هٿ هلائيندس.


۽ آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي باهہ مان لنگهائي چانديءَ وانگر صاف ڪندس، ۽ سون وانگر تپائيندس: ۽ هو مون وٽ دعا ڪندا، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس: ۽ آءٌ چوندس تہ هيءَ منهنجي قوم آهي، ۽ هو چوندا تہ خداوند ئي اسان جو خدا آهي.


۽ ڪاهن انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان هڪڙي مٺ ڀري يادگيريءَ جي لاءِ قربانگاهہ تي ساڙي، ۽ پوءِ زال کي اهو پاڻي پياري ڇڏي.


تنهنڪري، اي ڀائرو، آئون اوهان کي خدا جي رحمتن جو واسطو وجهي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجا بدن اهڙيءَ قربانيءَ ٿيڻ جي لاءِ نذر ڪريو جا زندہ، ۽ پاڪ، ۽ خدا کي پسند هجي، ۽ اُها ئي اوهان جي مناسب عبادت آهي.


تہ آئون غير قومن لاءِ مسيح يسوع جو خادم ٿيان، ۽ ڪاهنت وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي خدمت ڪريان، انهي لاءِ تہ غير قومون نذر جي طور پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي قبول پون.


۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


پر جيڪڏهن اوهان جي ايمان جي خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي، تہ بہ آئون خوش ٿيندس، ۽ اوهان سڀني سان گڏجي خوشيون ڪندس؛


پر مون وٽ سڀ ڪجهہ موجود آهي ۽ ججهو ئي اٿم؛ اوهان جون موڪليل شيون اپفروديتس جي هٿان مون کي مليون، جنهنڪري آئون بلڪل آسودو ٿيو آهيان، اها خوشبوءِ ۽ وڻندڙ قرباني خدا وٽ قبول پوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ