Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 2:2 - Sindhi Bible

2 ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، تن وٽ اهو کڻي اچي: ۽ ڪاهن انهي تيل گڏيل ميدي مان، ساري لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري ڪڍي، پوءِ اهو انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پوءِ اهو هارون جي پٽن وٽ کڻي اچي، جيڪي ڪاهن آهن. ڪاهن انهيءَ تيل گڏيل ميدي مان، سڄي لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري کڻي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 2:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا خدا، انهيءَ جي ڳالهہ جي نسبت ۾ مون کي ياد ڪج ۽ جيڪي چڱا ڪم مون پنهنجي خدا جي گهر لاءِ ۽ اُن جي رسمن راهن پورين ڪرڻ لاءِ ڪيا، سي ميٽي نہ ڇڏج.


۽ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن، تہ سبت جو ڏينهن پاڪ رهي. اي منهنجا خدا، اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج، ۽ پنهنجيءَ وڏيءَ رحمت موجب مون کي معاف ڪج.


۽ تون بني اسرائيل کان ڪفاري جا پئسا وٺي، اهي جماعت واري تنبوءَ جي خدمت لاءِ مقرر ڪج؛ انهي لاءِ تہ اوهانجن ساهن جي ڪفاري لاءِ خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي واسطي يادگيريءَ جي نشاني هجي.


ڍڳي جو ذبح ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ وارو؛ گهيٽي جي قرباني ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ڪتي جي سسي وڍڻ وارو؛ نذرانو پيش ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو سوئر جو رت پيش ڪرڻ وارو؛ لوبان ساڙيندڙ اهڙو آهي جهڙو بت کي مبارڪ چوڻ وارو: هائو، انهن پنهنجا رستا پسند ڪيا آهن، ۽ انهن جو روح سندن ڪراهت وارين شين سان راضي ٿو رهي؛


پر هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ هو انهي کي پرن کان وٺي ڦاڙي، پر ڇني ڌار نہ ڪري: پوءِ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ واريءَ باهہ تي، جيڪي ڪاٺيون رکيل هجن تن جي مٿان رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي، سوختني قرباني ڪري ساڙي، اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


پوءِ ڪاهن انهيءَ مان ڪجهہ سڻڀو اَن، ۽ ڪجهہ تيل، ۽ سمورو لوبان ڪڍي، يادگيريءَ لاءِ ساڙي: اها خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.


۽ ڪاهن انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان ڪجهہ ڪڍي، انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ تون هرهڪ قطار تي خالص لوبان رکج. انهي لاءِ تہ اهو مانين تي يادگيريءَ جي لاءِ رهي، يعني خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.


۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن اها قربانگاهہ تي رکي ساڙي، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


پر جيڪڏهن هن کي ٻن ڳيرن يا ڪبوترن جي ٻن ٻچن جي بہ وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، گناهہ جي قرباني طور آڻي: هو انهي تي تيل نہ وجهي، نڪي مٿس لوبان رکي: ڇالاءِ جو اها گناهہ جي قرباني آهي.


۽ هو اهو ڪاهن وٽ کڻي اچي، ۽ ڪاهن انهي مان هڪڙي مٺ يادگار لاءِ ڀري ڪڍي، ۽ قربانگاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي جي باهہ سان ساڙبيون آهن: اها گناهہ جي قرباني آهي.


۽ هو انهي مان، يعني کاڌي جي قربانيءَ واري ميدي مان، ٿورو تيل سميت مٺ ڀري ڪڍن، ۽ کاڌي جي قربانيءَ تي جيڪو لوبان هجي، سو سڀ کڻي، ۽ يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي، خداوند جي حضور ۾ چڱي خوشبوءِ جي لاءِ ساڙين.


پوءِ ڪاهن انهيءَ زال کي خداوند جي حضور ۾ بيهاري ۽ سندس مٿي جا وار ڇوڙائي ڇڏي، ۽ يادگيريءَ واري کاڌي جي قرباني سندس هٿن تي رکي، جا غيرت جي کاڌي جي قرباني آهي، ۽ ڪاهن پنهنجي هٿ ۾ اهو ڪؤڙو پاڻي کڻي، جو لعنت پيدا ٿو ڪري؛


۽ ڪاهن انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان هڪڙي مٺ ڀري يادگيريءَ جي لاءِ قربانگاهہ تي ساڙي، ۽ پوءِ زال کي اهو پاڻي پياري ڇڏي.


۽ هن ڏانهنس چتائي نهاريو، ۽ ڊڄي ڊڄي چيائين، تہ اي خداوند ڇا آهي؟ هن چيس تہ تنهنجون دعائون ۽ تنهنجون خيراتون خدا جي حضور ۾ قبول پيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ