15 ۽ تون انهي تي تيل اوتج ۽ مٿس لوبان رکج: اها کاڌي جي قرباني ٿيندي.
15 هو انهيءَ تي تيل پئٽي مٿس لوبان رکي. تہ جيئن اها اناج جي قرباني صحيح طرح سان پيش ٿئي.
۽ فطيري ماني، ۽ تيل ۾ ڳوهيل فطيري ڍوڍا، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون: اهي سڀ ميدي جون جوڙج،
وري خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون پنهنجي لاءِ هي خوشبودار مصالحہ کڻ، يعني مر، ۽ مصطکي، ۽ لاون، اهي خوشبودار مصالحہ خالص لوبان سان گڏ کڻ، (اهي سڀيئي وزن ۾ هڪ جيترا هجن)،
۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قرباني پيش ڪري، تہ انهي جي قرباني ميدي جي هئڻ گهرجي؛ هو انهي تي تيل اوتي ۽ مٿس لوبان رکي:
جيڪڏهن تون پنهنجي پهرئين ڦل جي قرباني، خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قربانيءَ طور پيش ڪرين، تہ پنهنجي اَن جا پهريان سنگ باهہ ۾ ڀُڃي، اُنهن سنگن مان ڪٽيل اَن ڪڍي، اهو کاڌي جي قربانيءَ وانگر پيش ڪج.
پوءِ ڪاهن انهيءَ مان ڪجهہ سڻڀو اَن، ۽ ڪجهہ تيل، ۽ سمورو لوبان ڪڍي، يادگيريءَ لاءِ ساڙي: اها خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.
پر جيڪڏهن هن کي ٻن ڳيرن يا ڪبوترن جي ٻن ٻچن جي بہ وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، گناهہ جي قرباني طور آڻي: هو انهي تي تيل نہ وجهي، نڪي مٿس لوبان رکي: ڇالاءِ جو اها گناهہ جي قرباني آهي.
تہ انهي وقت جيڪو خداوند جي لاءِ پنهنجي قرباني پيش ڪري، سو هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي چوٿين حصي جيتري تيل ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ آڻي.