Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 2:14 - Sindhi Bible

14 جيڪڏهن تون پنهنجي پهرئين ڦل جي قرباني، خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قربانيءَ طور پيش ڪرين، تہ پنهنجي اَن جا پهريان سنگ باهہ ۾ ڀُڃي، اُنهن سنگن مان ڪٽيل اَن ڪڍي، اهو کاڌي جي قربانيءَ وانگر پيش ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 باقي جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پهرئين پيداوار مان اناج جي قرباني، مون خداوند جي آڏو پيش ڪري، تہ پنهنجي اناج جا تازا سنگ باهہ تي ڀُڃي، انهن کي مروٽي داڻا ڪڍي پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 2:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٿورن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو، جو قائن پنهنجي ٻنيءَ جي پيدائش مان خداوند جي لاءِ نذرانو آندو،


۽ بعل سليسہ مان هڪڙو ماڻهو اُتي آيو، ۽ اُنهيءَ خدا جي مرد لاءِ پهرئين فصل جي ماني آندي، يعني جَوَن جون ويهہ مانيون، ۽ تازا اَن جا سنگ، پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ آندائين. ۽ هن چيو تہ اهي بہ هنن ماڻهن کي ڏي تہ کائين.


۽ تون انهي تي تيل اوتج ۽ مٿس لوبان رکج: اها کاڌي جي قرباني ٿيندي.


پوءِ ڪاهن انهيءَ مان ڪجهہ سڻڀو اَن، ۽ ڪجهہ تيل، ۽ سمورو لوبان ڪڍي، يادگيريءَ لاءِ ساڙي: اها خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.


۽ جڏهن اوهين خداوند جي شڪرگذاريءَ لاءِ قرباني چاڙهيو، تڏهن اهڙيءَ طرح چاڙهجو جو اوهين قبول پئو.


تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جيڪا زمين آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو، ۽ انهيءَ جو فصل لڻو، تڏهن اوهين پنهنجي فصل جي پهرئين اَن جو گڏو ڪاهن وٽ آڻجو:


۽ انهي سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو، تيل ۾ ڳوهيل هجي، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني ٿئي، جا باهہ سان ساڙبي آهي: ۽ انهي سان گڏ پيئڻ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي هين جي چوٿين حصي جيتري مئي هجي.


۽ ڪاهن انهن کي پهرئين ڦل واري مانيءَ سان گڏ، خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قرباني ڪري لوڏي، اهي خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندا ۽ ڪاهن کي ملندا.


ڇالاءِ جو صبح کان وٺي شام تائين قومن ۾ منهنجي نالي جي وڏائي ٿي ٿئي؛ ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ سڀ ڪنهن جاءِ تي منهنجي لاءِ خوشبوءِ ٿا چاڙهين ۽ پاڪ نذرانا ٿا آڻين، ڇالاءِ جو قومن ۾ منهنجو نالو عظيم آهي.


بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چئُہ، تہ منهنجو نذرانو، يعني منهنجي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جا باهہ سان ساڙبي آهي، سا اوهين ياد ڪري ٺهرايل وقت تي منهنجي لاءِ ادا ڪندا رهجو.


پر هاڻي مسيح مُئلن مان برابر جي اُٿيو آهي، ۽ جيڪي سمهي پيا آهن، تن ۾ هو پهريون ڦل ٿيو.


تڏهن جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن جي زمين جي پيداوار مان پهريون ڦل هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ رکي، انهي هنڌ کڻي وڃج، جو خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي.


هي اُهي ماڻهو هئا، جي زالن سان ناپاڪ نہ ٿيا؛ ڇالاءِ جو اُهي ڪنوارا هئا ۽ گهيٽي جي پٺيان جيڏانهن هو وڃي ٿو اوڏانهن ٿا وڃن. اُهي مخلوقات مان خريد ڪيا ويا هئا، تہ خدا لاءِ ۽ گهيٽي لاءِ پهريون ڦل ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ