Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 2:13 - Sindhi Bible

13 تون جيڪا بہ کاڌي جي قرباني پيش ڪرين، تنهن ۾ ضرور لوڻ وجهج؛ تون پنهنجي کاڌي جي قرباني ۾ پنهنجي خدا جي عهد جو لوڻ بند نہ ڪج: تون پنهنجين سڀني قربانين سان گڏ لوڻ پيش ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جيڪا بہ اناج جي قرباني پيش ڪريو، تنهن ۾ لوڻ ضرور وجھجو، بلڪ اوهين پنهنجين سڀني قربانين سان گڏ لوڻ پيش ڪجو، ڇاڪاڻ تہ لوڻ اوهان جي ۽ مون خداوند جي وچ واري عهد کي ظاهر ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 2:13
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان کي ايترو معلوم نہ آهي ڇا، تہ خداوند، اسرائيل جي خدا، دائود کي اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ بادشاهي ڏني، جهڙو هن کي، تهڙو سندس پٽن کي، ۽ اُها هن لوڻ جي عهد اقرار موجب ڏني آهي؟


چانديءَ جي هڪ سؤ قنطارن، ۽ ڪڻڪ جي هڪ سؤ ماڻن، ۽ شراب جي هڪ سؤ مٽن، ۽ تيل جي هڪ سؤ دٻن تائين، ۽ لوڻ بي انداز ڏجو.


۽ تون انهن مان اهڙو خوشبودار لوبان جوڙج، جهڙو ڪاريگر عطار جوڙيندا آهن، ۽ تون انهي کي لوڻ جي پٺ ڏيئي صاف ۽ پاڪ ڪج؛


۽ تون هنن کي خداوند جي اڳيان آڻج، ۽ ڪاهن انهن تي لوڻ وجهن، ۽ اُهي هنن کي خداوند جي لاءِ ساڙڻ جي قرباني ڪري پيش ڪن.


پاڪ شيون جيڪي بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن، تن مان کڻڻ واريون قربانيون، مون تو کي ۽ تو سان گڏ تنهنجن پٽن ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن: اهو تنهنجي لاءِ ۽ توسان گڏ تنهنجي اولاد جي لاءِ، خداوند جي حضور ۾ هميشہ جي واسطي لوڻ جو عهد آهي.


اوهين زمين جو لوڻ آهيو: پر جيڪڏهن لوڻ جو سواد هليو وڃي تہ هن کي ڇا سان سلوڻو ڪبو؟ انهي کانپوءِ اُهو ڪنهن بہ ڪم جو ڪونہ آهي، پر رڳو هن لائق آهي تہ اُڇلائي ڇڏجي، ۽ ماڻهن جي پيرن هيٺ لتاڙجي.


اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ فضيلت واري ۽ سلوڻي هئڻ کپي، جنهنڪري اوهان کي خبر پوي تہ هرهڪ کي ڪيئن واجبي جواب ڏجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ