Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 2:12 - Sindhi Bible

12 اوهين پهريون ڦل خداوند جي حضور ۾ قربانيءَ طور پيش ڪجو: پر اهي چڱيءَ خوشبوءِ جي لاءِ قربانگاهہ تي ساڙيا نہ وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پهرئين پيداوار مان اهڙيون قربانيون ڀلي مون خداوند جي آڏو پيش ڪجن، مگر اهي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙيون نہ وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 2:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ طرح عفرون جي اها ٻني، جا مڪفيلہ ۾ ممري جي سامهون هئي، ۽ غار جو منجهس هو، ۽ جيڪي وڻ ٻنيءَ ۾، ۽ انهيءَ جي چئني حدن ۾ هئا تن سوڌي،


۽ جنهن وقت اهو ڪم جاري ٿيو، تنهن وقت بني اسرائيل، اَن ۽ شراب، ۽ تيل ۽ ماکي، ۽ ٻنيءَ جي هر قسم جي پيدائش مان پهريون ڦر گهڻي انداز ۾ آڻي ڏنو، ۽ سڀني شين جو ڏهون حصو هنن گهڻوئي آڻي حاضر ڪيو.


تون پنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيدائش ۽ ميون جي رس مان نذراني ڏيڻ ۾ دير نہ ڪج. تون پنهنجن پٽن مان پهريتو پٽ مون کي ڏج.


تون پنهنجي زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻج. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.


تون هفتن جي عيد ڪج، يعني ڪڻڪ جي پهرئين لاباري وقت، ۽ وري سال جي پڇاڙيءَ ۾ فصل کڻڻ جي عيد ڪج.


تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جيڪا زمين آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو، ۽ انهيءَ جو فصل لڻو، تڏهن اوهين پنهنجي فصل جي پهرئين اَن جو گڏو ڪاهن وٽ آڻجو:


اوهين پنهنجن گهرن مان هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جون ٻہ مانيون لوڏڻ جي لاءِ آڻجو: اهي ميدي جون هجن، ۽ خمير گڏي پچائجن، تہ خداوند جي لاءِ پهرئين ڦر جي قرباني ٿئي.


انهن کان سواءِ، پنهنجي سلامتيءَ جي قربانيءَ سان گڏ، شڪرگذاريءَ لاءِ، فطيري مانيون قرباني طور پيش ڪري.


اوهين پنهنجي پهرين ڳوهيل اٽي مان هڪڙي ماني کڻڻ واري قربانيءَ لاءِ ڏجو، جهڙيءَ طرح ان ڳاهڻ وقت کڻڻ واري قرباني پيش ڪندا آهيو، تهڙيءَ طرح اها بہ مٿي کڻجو.


سڀ کان چڱو تيل، ۽ سڀ کان چڱي مئي، ۽ سڀ کان چڱو اَن، يعني انهن جو پهريون ڦل، جو اهي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا، سو مون تو کي ڏنو آهي.


پر هاڻي مسيح مُئلن مان برابر جي اُٿيو آهي، ۽ جيڪي سمهي پيا آهن، تن ۾ هو پهريون ڦل ٿيو.


سو هاڻي، اي خداوند ڏس، جيڪا زمين تو مون کي ڏني آهي، تنهن جو پهريون ڦل مون آندو آهي. پوءِ تون اها خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ رکي، خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان سجدو ڪج:


هي اُهي ماڻهو هئا، جي زالن سان ناپاڪ نہ ٿيا؛ ڇالاءِ جو اُهي ڪنوارا هئا ۽ گهيٽي جي پٺيان جيڏانهن هو وڃي ٿو اوڏانهن ٿا وڃن. اُهي مخلوقات مان خريد ڪيا ويا هئا، تہ خدا لاءِ ۽ گهيٽي لاءِ پهريون ڦل ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ