Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 2:11 - Sindhi Bible

11 جيڪا بہ کاڌي جي قرباني، اوهين خداوند جي حضور ۾ پيش ڪريو، تنهن ۾ خمير اصل نہ هجي: ڇالاءِ جو اوهين ڪوبہ خمير، يا ماکي، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ ۾ نہ ساڙجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جيڪا بہ اناج جي قرباني مون خداوند جي آڏو پيش ڪئي وڃي، تنهن ۾ خمير اصل نہ هجي. مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ ۾ ڪڏهن بہ خمير يا ماکي نہ ملائجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 2:11
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون منهنجي لاءِ جيڪا قرباني چاڙهين، تنهن جو رت خميري ماني سان گڏ پيش نہ ڪج؛ نڪي منهنجي عيد جي چرٻي صبح تائين باقي رهي.


پوءِ تون اهي سندن هٿن مان وٺي، قربانگاهہ تي سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙج: اها هڪڙي چڱي خوشبوءِ، ۽ خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.


تون منهنجي قربانيءَ جو رت خميري مانيءَ سان گڏ نذراني طور پيش نہ ڪج؛ نڪي فسح جي عيد جي قرباني صبح تائين بچائي ڇڏج.


اي منهنجا پٽ، تون ماکي کاءُ، ڇالاءِ جو اُها چڱي آهي؛ ۽ مانارو بہ، جو توکي مٺو ٿو لڳي:


تو ماکي لڌي آهي ڇا؟ ايتري کاءُ جيتري تنهنجي لاءِ ڪافي آهي، متان تنهنجو پيٽ انهيءَ سان ڀرجي پوي ۽ تون اُها قئي ڪري ڪڍي ڇڏين.


گهڻي ماکي کائڻ چڱي ناهي، انهي طرح ماڻهن جي لاءِ خود پنهنجي عزت ڳولڻ عزت ناهي.


پر هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ ڪاهن پنهنجي سڻيءَ جي پوشاڪ پائي، ۽ سڻيءَ جي سٿڻ بت تي ڍڪي؛ ۽ سوختني قرباني جا قربانگاهہ جي باهہ ۾ سڙي رک ٿي ويئي هجي، اها رک هو کڻي قربانگاهہ جي پاسي تي وجهي.


پوءِ يسوع چين تہ خبردار ٿجو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان پاڻ سنڀالجو.


۽ هن تاڪيد ڪري چين، تہ خبردار ٿجو، فريسين جي خمير ۽ هيرودين جي خمير کان سنڀالجو.


انهي وچ ۾ جڏهن هزارين ماڻهو اچي مڙيا، ايتري قدر جو هڪ ٻئي تي ڳاهٽ ٿيڻ لڳا، تڏهن پهريائين پهريائين پنهنجن شاگردن کي چوڻ لڳو تہ فريسين جو خمير، جو رياڪاري آهي، تنهن کان سنڀالجو.


مگر خبردار ٿجو تہ متان اوهان جون دليون هٻڇ، ۽ نشي، ۽ هن حياتيءَ جي فڪر ۾ ڦاسي پون، ۽ اُهو ڏينهن اوهان تي ڄار وانگر اچي ڪڙڪي:


۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون.


ٿورو خمير ساري ڳوهيل اٽي کي خميرو ڪيو ڇڏي.


تان تہ اڳتي پنهنجي باقي جسماني زندگي ماڻهن جي نفساني خواهشن موجب نہ، پر خدا جي مرضيءَ موافق گذاري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ