Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 2:1 - Sindhi Bible

1 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قرباني پيش ڪري، تہ انهي جي قرباني ميدي جي هئڻ گهرجي؛ هو انهي تي تيل اوتي ۽ مٿس لوبان رکي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي آڏو اناج جي قرباني پيش ڪري تہ انهيءَ جي قرباني ميدي جي صورت ۾ هئڻ گھرجي. هو انهيءَ تي تيل پئٽي ۽ مٿس لوبان رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 2:1
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فطيري ماني، ۽ تيل ۾ ڳوهيل فطيري ڍوڍا، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون: اهي سڀ ميدي جون جوڙج،


تو پنهنجين سوختني قربانين لاءِ ننڍو چوپايو مال منهنجي حضور ۾ نہ آندو آهي؛ نڪي پنهنجين قربانين سان مون کي عزت ڏني اٿيئي. مون توکي نذرانن آڻڻ لاءِ لاچار ڪونہ ڪيو، نڪي لوبان ساڙڻ لاءِ توکي ٿڪايم.


۽ خداوند فرمائي ٿو تہ جيئن بني اسرائيل صاف ٿانوَ ۾ پنهنجي قرباني کڻي خداوند جي گهر ۾ آڻيندا آهن، تيئن اهي اوهان جن سڀني ڀائرن کي سڀني قومن مان گهوڙن تي، ۽ گاڏين ۾، ۽ ڏولين ۾، ۽ خچرن تي، ۽ تکن وهٽن تي چاڙهي، خداوند جي لاءِ نذراني طور منهنجي پاڪ جبل يروشلم ۾ آڻيندا.


۽ هن مون کي چيو تہ هيءَ اُها جاءِ آهي جتي ڪاهن ڏوهہ جي قرباني ۽ گناهہ جي قرباني رڌيندا، ۽ جتي هو کاڌي جي قربانيءَ مان مانيون پچائيندا؛ انهي لاءِ تہ هو هنن کي ٻاهرين ايوان ۾ ڪڍي نہ آڻين، تہ متان ماڻهن کي پاڪ ڪن.


کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني خداوند جي گهر کان وڍجي ويئي آهي؛ ڪاهن، جي خداوند جا خادم آهن، سي ماتم ڪندا.


ڪنهن کي خبر تہ هو نہ ڦرندو ۽ پنهنجي پٺيان برڪت نہ ڇڏي ويندو، يعني خداوند اوهان جي خدا لاءِ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني؟


۽ اٺين ڏينهن هو ٻہ بي عيب گهيٽا، ۽ هڪڙي بي عيب يڪسالي گهيٽي، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جي ٽيڻ جيترو تيل ۾ ڳوهيل ميدو، ۽ هڪڙو ماڻ تيل کڻي اچي.


۽ تون هرهڪ قطار تي خالص لوبان رکج. انهي لاءِ تہ اهو مانين تي يادگيريءَ جي لاءِ رهي، يعني خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.


پر جيڪڏهن هن کي ٻن ڳيرن يا ڪبوترن جي ٻن ٻچن جي بہ وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، گناهہ جي قرباني طور آڻي: هو انهي تي تيل نہ وجهي، نڪي مٿس لوبان رکي: ڇالاءِ جو اها گناهہ جي قرباني آهي.


۽ ڪاهن هن جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ جنهن ڪم جي ڪرڻ ڪري، هو ڏوهاري ٿيو هوندو تنهن جي نسبت ۾ هن کي معافي ملندي.


پوءِ هن کاڌي جي قرباني پيش ڪئي، ۽ انهيءَ مان پنهنجي مٺ ڀري، صبح واري سوختني قربانيءَ جي ڀرسان، اها قربانگاهہ تي رکي ساڙيائين.


۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو گهٽو، خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهڻ لاءِ آڻي پيش ڪريو؛ ۽ تيل ۾ ڳوهيل کاڌي جي قرباني بہ آڻيو: ڇالاءِ جو اڄوڪي ڏينهن خداوند اوهان جي اڳيان ظاهر ٿيندو.


ڇالاءِ جو صبح کان وٺي شام تائين قومن ۾ منهنجي نالي جي وڏائي ٿي ٿئي؛ ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ سڀ ڪنهن جاءِ تي منهنجي لاءِ خوشبوءِ ٿا چاڙهين ۽ پاڪ نذرانا ٿا آڻين، ڇالاءِ جو قومن ۾ منهنجو نالو عظيم آهي.


جيڪي شيون تمام پاڪ آهن، تن مان جيڪو باهہ کان بچايو ويندو سو تنهنجو ٿيندو: ۽ هنن جو هرڪو نذرانو، يعني هنن جي هرڪا کاڌي جي قرباني، ۽ هرڪا گناهہ جي قرباني، جا هو منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا، سا تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجن پٽن جي لاءِ تمام پاڪ ٿيندي.


۽ ميدي جي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو، جهاڳوڙيل تيل جي هڪڙي هين جي چوٿين حصي ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ پيش ڪج.


۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن، ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو:


۽ انهي جو نذرانو هو: چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ هڪڙو چانديءَ جو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛


هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛


پوءِ هو هڪڙو وهڙو آڻين، ۽ انهي جي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدو آڻين، ۽ تون گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ٻيو وهڙو وٺ؛


يسوع چين تہ زندگيءَ جي ماني آئون آهيان، جيڪو مون وٽ ٿو اچي، تنهن کي ڪڏهن بک ڪين لڳندي، ۽ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن کي ڪڏهن اُڃ ڪين لڳندي.


۽ انهي قدوس اوهان کي مسح ڪيو آهي، ۽ اوهين سڀ ڳالهيون ڄاڻو ٿا.


باقي هن اوهان کي جيڪو مسح ڪيو آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو، ۽ اوهان کي انهي جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري، پر جيئن انهي جو مسح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو، ۽ اُهو سچو آهي ۽ ڪوڙو ڪينهي، ۽ جيئن انهي اوهان کي سيکاريو، تيئن اوهين منجهس قائم رهندا اچو.


پر اي پيارو، پنهنجي نهايت پاڪ ايمان ۾ قائم ٿي پاڪ روح ۾ دعا گهُرو،


۽ ٻيو ملائڪ آيو، ۽ هڪڙو سونو خوشبودان کڻي قربانگاهہ تي اچي بيٺو، ۽ کيس گهڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيڪا سوني قربانگاهہ تخت جي اڳيان هئي، تنهن تي سڀني پاڪ ٿيلن جي دعائن سان گڏ چاڙهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ