Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 19:9 - Sindhi Bible

9 ۽ جڏهن اوهين پنهنجي زمين جو فصل لڻو، تڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جون سڀ ڪنڊون پاسا متان لڻين، نڪي لاباري وقت جيڪي پٽ تي ڪري، سو ميڙي گڏ ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جڏهن اوهين پنهنجيءَ زمين جو فصل لڻو، تڏهن ٻنيءَ جون سموريون ڪنڊون ڪُڙڇون نہ لڻجو، نڪي لاباري وقت رهجي ويل ڪو سنگ ميڙي گڏ ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 19:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون پنهنجي ڊاک جي منهہ جا سڀ ڇڳا ڇني گڏ نہ ڪج، نڪي پنهنجي ڊاک جا ڪريل داڻا چونڊي کڻج؛ پر اهي غريبن ۽ مسافرن لاءِ ڇڏي ڏج: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


۽ جيڪو اهو کائيندو، سو پنهنجو ڏوهہ پاڻ تي کڻندو؛ ڇالاءِ جو هن خداوند جي پاڪ شيءِ کي پليت ڪيو آهي: ۽ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.


تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جيڪا زمين آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو، ۽ انهيءَ جو فصل لڻو، تڏهن اوهين پنهنجي فصل جي پهرئين اَن جو گڏو ڪاهن وٽ آڻجو:


۽ جڏهن اوهين پنهنجي زمين جو فصل لڻو، تڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جون سڀ ڪنڊون پاسا نہ لڻج، ۽ نڪي لاباري جي وقت جيڪي پٽ تي ڪري، سو ميڙي گڏ ڪج: اهو تون غريبن ۽ مسافرن لاءِ ڇڏي ڏج: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان.


ڇالاءِ جو جيڪو بہ ماڻهو انهي ساڳئي ڏينهن پنهنجي روح جي رياضت نہ ڪندو، سو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.


۽ جڏهن هوءَ سنگ گڏ ڪرڻ لاءِ اُٿي تڏهن بوعز پنهنجن جوانن کي حڪم ڏيئي چيو تہ هن کي گڏن منجهان بہ اَن گڏ ڪرڻ ڏيو، ۽ ڪجهہ بہ نہ چئوس.


۽ روٿ موآبي نعوميءَ کي چيو تہ هاڻي مون کي ٻنيءَ ۾ وڃڻ ڏي تہ جيڪو مون تي مهرباني جي نظر ڪري تنهن جي پٺيان لڳي ان جا سنگ چونڊي گڏ ڪريان. تڏهن هن چيس تہ اي منهنجي ڌيءَ، ڀلي وڃ.


تڏهن بوعز روٿ کي چيو تہ اي منهنجي ڌيءَ ٻڌين ٿي؟ ٻي ڪنهن ٻنيءَ ۾ سنگ چونڊڻ نہ وڃج، نڪي هتان ڪنهن ٻئي پاسي لنگهي وڃج، پر هتي منهنجي نوڪرياڻين سان گڏ رهج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ