Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 19:36 - Sindhi Bible

36 اوهين پاڻ وٽ پوريون ساهميون، پورا وٽ، پورو ايفہ ۽ پورو هين رکجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 اوهان جون تارازيون، وٽ ۽ ماپا بلڪل صحيح هجن. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 19:36
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ نذر جي مانيءَ لاءِ، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ ميدو، خواہ اها اڻ خميري ماني، يا تئي تي پڪل يا تريل شيءِ هجي، تہ هو انهن جي تور ۽ ماپ جو ڪم ڪن؛


آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.


ڪوڙيءَ ساهميءَ کان خداوند کي نفرت اچي ٿي: پر سچيءَ تور ڪري هو خوش ٿئي ٿو.


پوري ساهمي ۽ پڙ خداوند جا آهن: ڳوٿريءَ جا سڀ تورا سندس ڪم آهن.


ٻن قسمن جا تورا ۽ ٻن قسمن جا ماڻ، ٻنهي کان خداوند کي نفرت آهي.


اوهين پوري ساهمي، ۽ پورو ايفہ، ۽ پورو بٿ رکو.


ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، انهي لاءِ تہ آءٌ اوهان جو خدا ٿيان: تنهنڪري اوهين پاڪ ٿيو، ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان.


اوهين منهنجا سڀ قانون، ۽ منهنجا سڀيئي حڪم مڃيندا رهجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.


کوٽي ساهمي ۽ کوٽن تورن جي ڳوٿريءَ سان آءٌ ڪو پاڪ ٿي سگهندس ڇا؟


۽ مون چيو تہ اهو ڇا آهي؟ ۽ هن چيو تہ اهو ايفہ آهي جو وڃي ٿو. ۽ ايترو بہ وڌيڪ چيائين تہ سڄي ملڪ ۾ اها هنن جي شڪل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ