Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 19:34 - Sindhi Bible

34 جيڪو پرديسي اوهان منجهہ اچي رهي، سو اوهان ۾ ملڪي ماڻهوءَ جهڙو آهي، ۽ تون انهي کي پاڻ جهڙو پيار ڪج؛ ڇالاءِ جو اوهين بہ مصر جي ملڪ ۾ مسافر هئا: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ اهو ڌاريو بہ اوهان جي هم‌وطن ماڻهوءَ جهڙو آهي. سو اوهين ساڻس پاڻ جهڙو ئي پيار ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 19:34
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند پرديسين کي سنڀالي ٿو؛ هو يتيمن ۽ بيوهن جي سنڀال ٿو ڪري؛ پر بڇڙن جي واٽ آڏي اُبتي ڪريو ڇڏيو.


تون ڪنهن مسافر کي نہ ستائج، نڪي انهي تي ڪو ظلم ڪج؛ ڇالاءِ جو اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ مسافر هئا.


۽ هيئن ٿيندو تہ اها اوهين ڪُڻا وجهي ورثو ڪري ورهائجو، ۽ جيڪي پرديسي اوهان ۾ رهندڙ هجن، ۽ جي اوهان منجهہ رهي اولاد پيدا ڪن، تن کي بہ ڏجو؛ ۽ اُهي اوهان جي لاءِ بني اسرائيل ۾ گهر ڄاولن وانگر ٿيندا؛ انهن کي اوهان سان گڏ اسرائيل جي فرقن منجهہ ورثو ملندو.


تون پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن کان وير نہ وٺج، نڪي انهن سان ڪينو رکج، پر پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪج: آءٌ خداوند آهيان.


اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ کان ڊڄندو رهي، ۽ اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ياد رکجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


۽ هيئن ٿيندو، هائو ائين ئي ٿيندو تہ جيڪڏهن تون اسان سان هلندين، تہ جيڪا ڀلائي خدا اسان سان ڪندو، اهڙي ساڳي اسين بہ تو سان ڪنداسين.


اوهان ٻڌو آهي تہ چيو ويو هو تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پيار ڪر، ۽ پنهنجي دشمن سان عداوت رک:


تنهنڪري اوهين پرديسيءَ کي پيار ڪريو: ڇالاءِ جو اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ پرديسي هئا.


تون ڪنهن ادوميءَ سان نفرت نہ رکج؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجو ڀاءُ آهي: تون ڪنهن مصريءَ سان بہ نفرت نہ رکج؛ ڇالاءِ جو تون انهي جي ملڪ ۾ مسافر هئين.


انهن جي ٽين پيڙهيءَ جا ٻار ڀلي تہ خداوند جي جماعت ۾ شامل ٿين.


تڏهن هوءَ منهن ڀر زمين تي ڪنڌ جهڪائي هن کي چوڻ لڳي تہ جڏهن آءٌ ڌارين مان آهيان، تڏهن ڪهڙي سبب مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي جو تون منهنجي ايتري خبر ٿو لهين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ