Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 19:30 - Sindhi Bible

30 اوهين منهنجي سبت جو ڏينهن ياد رکجو، ۽ منهنجي پاڪ مڪان جي تعظيم ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 اوهين منهنجي سبت جو ڏينهن ملهائيندا رهجو ۽ منهنجي مقدس خيمي جي تعظيم ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 19:30
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بت جي اُڪريل مورت جا هن جوڙي هئي، سا خدا جي گهر ۾ رکيائين، جنهن گهر بابت خدا دائود ۽ سندس پٽ سليمان کي چيو تہ هي گهر ۽ يروشلم، جن کي مون اسرائيل جي سڀني فرقن مان پسند ڪيو آهي، تن ۾ آءٌ پنهنجو نالو هميشہ لاءِ قائم رکندس:


تنهن کانسواءِ ڪاهنن جي سڀني سردارن ۽ ماڻهن غير قومن جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان لڳي وڏا وڏا گناهہ ڪيا؛ ۽ جيڪو خداوند جو گهر يروشلم ۾ هو، ۽ هن پاڪ ڪيو هو، سو هنن پليت ڪري ڇڏيو.


هو اهڙو خدا آهي جو پاڪ ماڻهن جي جماعت ۾ تعظيم جي لائق آهي؛ ۽ جيڪي سندس آس پاس آهن تن سڀني کان هو وڌيڪ هيبتناڪ آهي.


تون سبت جو ڏينهن پاڪ رکڻ لاءِ ياد رک.


جڏهن تون خدا جي گهر ۾ وڃين تڏهن پنهنجي قدم جي سنڀال رک؛ ڇالاءِ جو بي عقلن جي قرباني ڏيڻ کان، ٻڌڻ جي لاءِ ويجهو وڃڻ بهتر آهي: هن ڪري جو انهن کي اها خبر نہ ٿي پوي تہ هو ڪو بڇڙو ڪم ٿا ڪن.


ٻڍي توڙي جوان، ڪنواري توڙي ننڍن ٻارن ۽ زالن کي اصل قتل ڪري ڇڏيو: پر جنهن ماڻهوءَ تي نشان هجي، انهي کي ويجهو نہ اچجو؛ ۽ منهنجي پاڪ مڪان کان شروع ڪريو. تڏهن هنن بزرگن کان شروع ڪيو، جي گهر جي اڳيان هئا.


تڏهن موسيٰ هارون کي چيو تہ، هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي جا خداوند فرمائي هئي، تہ جيڪي منهنجي ويجهو ايندا، تن ۾ آءٌ پاڪ سمجهيو ويندس، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو: ۽ هارون ماٺ ڪري بيهي رهيو.


اهڙي طرح اوهين بني اسرائيل کي سندن ناپاڪيءَ کان جدا ڪجو: تہ اهي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ منهنجي عبادت جو تنبو، جو سندن وچ ۾ آهي، تنهن کي پليت ڪري مري نہ پون.


۽ چيائينس تہ تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر پاڪ مڪان ۾ صندوق جي مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي، تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي؛ تہ هو مري نہ پوي: ڇالاءِ جو آءٌ رحمت جي پوش تي ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندس.


اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ کان ڊڄندو رهي، ۽ اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ياد رکجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


اوهين منهنجا سبت جا ڏينهن ياد رکجو، ۽ منهنجي پاڪ مڪان جي تعظيم ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.


۽ انهن کي چيائين تہ لکيل آهي تہ ”منهنجو گهر دعا جو گهر سڏبو:“ پر اوهان انهي کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بنائي آهي.


۽ خدا جي هيڪل جو بُتن سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ ڇالاءِ جو اسين جيئري خدا جي هيڪل آهيون، جهڙيءَ طرح ڪ خدا فرمايو آهي تہ ”آئون انهن ۾ رهندس، ۽ انهن ۾ هلندس چلندس، آئون انهن جو خدا ٿيندس ۽ اهي منهنجي اُمت ٿيندا.


ڇالاءِ جو اهو وقت اچي پهتو آهي تہ خدا جي ڪليسيا مان عدالت شروع ٿئي: ۽ جيڪڏهن اُها پهرين اسان وٽان شروع ٿيندي، تہ جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نٿا مڃين، تن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿيندي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ