Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 19:22 - Sindhi Bible

22 ۽ ڪاهن انهي خطا جي قربانيءَ واري گهٽي سان، هن جي گناهہ جي واسطي، خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري: پوءِ هن کي سندس گناهہ جي معافي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 ڪاهن انهيءَ قربانيءَ واري گھٽي سان، منهنجي حضور ۾ انهيءَ ماڻهوءَ جي گناهہ لاءِ ڪفارو ادا ڪري. تڏهن کيس پنهنجي گناهہ جي معافي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 19:22
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اهو ماڻهو پنهنجي خطا جي قرباني، خداوند جي لاءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي، يعني خطا جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو گهٽو آڻي.


۽ جڏهن اوهين انهي ملڪ ۾ وڃو، ۽ هر ڪنهن قسم جي ميوي جا وڻ پوکيو تہ انهن جو ميوو اوهين اڻ طهريل ڪري ليکجو: ٽي ورهيہ اهو ميوو اوهان جي لاءِ اڻ طهريل وانگر رهندو؛ ۽ اهو کائڻ ۾ نہ ايندو.


هو وهڙي سان ائين ئي ڪري: يعني جهڙي طرح هن گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي سان ڪيو هو، تهڙيءَ طرح هن سان بہ ڪري: ۽ ڪاهن هنن جي لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ انهن کي معافي ملندي.


۽ انهي جي سڀ چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر قربانگاهہ تي رکي ساڙي: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن اها قربانگاهہ تي رکي ساڙي، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ واري گهيٽي مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جي خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙبيون آهن: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ جيڪڏهن هن کي گهيٽي يا ٻڪريءَ جي وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا، يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، گناهہ جي قربانيءَ طور آڻي؛ هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ