Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 19:19 - Sindhi Bible

19 اوهين منهنجن قانونن کي ياد رکجو. تون پنهنجي چوپائي مال کي جدا جنس سان لڳڻ نہ ڏج: تون پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻن قسمن جو ٻج گڏي نہ پوکج: ۽ نڪي تون ٻن شين مان اُڻيل ڪپڙي جي پوشاڪ ڍڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪجو. اوهين پنهنجي چوپائي مال کي جدا جنس جي جانور سان لڳ نہ ڪرائجو، نڪي پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻن قسمن جو ٻج گڏي پوکجو ۽ نہ ئي وري اوهين ٻن شين مان اُڻيل ڪپڙي جي پوشاڪ پائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 19:19
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ صبعون جا پٽ هي آهن؛ آيہ ۽ عنہ: هي اهو عنہ آهي، جنهن پنهنجي پيءُ صبعون جا گڏهہ چاريندي جهنگ ۾ گرم پاڻيءَ جا چشما لڌا.


۽ ابي سلوم جي نوڪرن امنون سان ائين ئي ڪيو، جيئن ابي سلوم حڪم ڏنو هون. تڏهن سڀيئي شهزادا اُٿيا، ۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجي خچر تي چڙهي اُٿي ڀڳو،


۽ اتفاق سان ابي سلوم دائود جي ماڻهن جي منهن پئجي ويو. ۽ ابي سلوم پنهنجي خچر تي چڙهيل هو، ۽ هڪڙي وڏي شاهہ بلوط جي وڻ جي ڏارن هيٺ وڃي نڪتو، ۽ سندس مٿو شاهہ بلوط ۾ ڦاسي پيو، ۽ هو آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ لٽڪي رهيو؛ ۽ خچر جيڪو سندس هيٺان هو، سو اڳتي هليو ويو.


۽ بادشاهہ انهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر پاڻ سان وٺي وڃو، ۽ منهنجي پٽ سليمان کي، خود منهنجي خچر تي چاڙهي جيحون ڏي لاهي وٺي اچو:


انهن جا گهوڙا، ست سؤ ڇٽيهہ هئا؛ انهن جا خچر، ٻہ سؤ پنجيتاليهہ؛


اوهين منهنجن حڪمن تي هلجو، ۽ اوهين منهنجن قانونن تي عمل ڪجو، ۽ انهن تي هلجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


اوهين منهنجا سڀ قانون، ۽ منهنجا سڀيئي حڪم مڃيندا رهجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.


اوهين منهنجا قانون ياد رکجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان.


تنهنڪري اوهين منهنجا حڪم مڃيندا رهجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.


تنهنڪري اوهين منهنجن قانونن تي عمل ڪجو، ۽ منهنجن حڪمن کي ياد ڪري انهن تي هلجو؛ تہ اوهين انهي ملڪ ۾ صحيح سلامت رهندا.


۽ اُنهن کي هڪڙو مثال پڻ چئي ٻڌايائين، تہ ڪوبہ ماڻهو نئين ڪوٽ مان ٽڪر ڦاڙي پراڻي ڪوٽ تي نٿو لڳائي، نہ تہ نئون بہ ڦاٽندو، ۽ نئون ٽڪر پراڻي سان ميل بہ ڪين ڪندو.


پر جيڪڏهن اهو فضل جي ڪري آهي تہ اهو عملن جي ڪري نہ ٿيو، نہ تہ فضل، فضل نہ رهيو.


هاڻي اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو، سي چڱيءَ طرح ٻڌي، انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، انهي ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو.


ڏسو، جهڙيءَ طرح خداوند منهنجي خدا مون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح مون اوهان کي قانون ۽ فيصلا سيکاري ڇڏيا آهن؛ انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ