Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 19:16 - Sindhi Bible

16 تون پنهنجن ماڻهن ۾ چغلخورن وانگر هيڏانهن هوڏانهن اچ وڃ نہ ڪج: نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي خون تي سندرو ٻڌج: آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اوهان مان ڪوبہ پنهنجيءَ قوم ۾ گلاخوري ڪندو نہ وتي، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي جان خطري ۾ وجھڻ تي سندرو ٻڌي بيهي. آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 19:16
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو پنهنجي دوستن کي لٽ جي لاءِ ڇڏي ڏئي ٿو، تنهن جي اولاد جون بہ اکيون انڌيون ٿينديون.


جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي پرپٺ گلا ٿو ڪري تنهن کي آءٌ برباد ڪندس: آءٌ بلند نظر ۽ مغرور دل جي برداشت ڪين ڪندس.


جو پنهنجيءَ زبان سان گلا نٿو ڪري، نڪي پنهنجي دوست سان برائي ٿو ڪري، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي بدنامي ٿو ڪري.


تون ويهي پنهنجي ڀاءُ جي برخلاف ٿو ڳالهائين؛ ۽ تون پنهنجي سڳي ڀاءُ جي گلا ٿو ڪرين.


تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڀر.


تون ڪوڙي خبر نہ پکيڙج: ڪوڙي شاهدي ڀرڻ لاءِ شرير ماڻهن سان شامل نہ ٿج.


ڪوڙيءَ ڳالهہ کان پاڻ کي پري رکج؛ ۽ بيگناهہ ۽ راستباز کي قتل نہ ڪج: ڇالاءِ جو آءٌ ڪنهن بہ شرير کي سچار ڪين سمجهندس.


جيڪو ڌڪار لڪائي ٿو، تنهن جا چپ ڪوڙ ڳالهائيندڙ آهن؛ ۽ جيڪو گلا غيبت ٿو ڪري سو بيوقوف آهي.


جيڪو چغل خور آهي سو ڳجهہ ظاهر ڪري وجهي ٿو: پر جيڪو ايماندار روح وارو آهي سو ڳالهہ لڪائي ٿو.


جيڪو هيڏي هوڏي گلا غيبت ڪندو وتي سو ڳجهہ ظاهر ڪري ٿو: تنهن ڪري جيڪو پنهنجا چپ وڏا پٽي ٿو تنهن سان واسطو نہ رک.


هو سڀ تمام فسادي آهن، ۽ گلائون ڪندا گهمندا وتن؛ هو پتل ۽ لوهہ آهن: هو سڀ ڪپت جي هلت ٿا ڪن.


اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کان خبردار رهي، ۽ پنهنجي ڪنهن بہ ڀاءُ تي اوهين ڀروسو نہ رکو: ڇالاءِ جو سڀڪو ڀاءُ ضرور دغا ڪندو، ۽ سڀڪو پاڙيسري گلا غيبت ڪندو.


تو ۾ رت هارڻ جي لاءِ چغلخور ماڻهو رهيا آهن: ۽ هنن تو ۾ جبلن تي ويهي کاڌو آهي: تنهنجي وچ ۾ هنن شهوت پرستي ڪئي آهي.


۽ چوڻ لڳو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، جو بي ڏوهيءَ کي جهلايو اٿم. پر هنن چيس تہ انهي ۾ اسان جو ڇا؟ تون ڄاڻ، تنهنجو ڪم ڄاڻي.


جيڪو ماڻهو بيگناهہ کي قتل ڪرڻ لاءِ رشوت وٺي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


انهيءَ طرح زالن کي بہ گهرجي تہ سنجيدگيءَ سان رهن، نہ گلا ڪندڙ، پر پرهيزگار ۽ سڀني ڳالهين ۾ ايماندار هجن.


طبعي محبت کان خالي، سنگدل، ڪوڙي تهمت آڻيندڙ، بدپرهيز، وحشي، نيڪيءَ جا دشمن،


ساڳيءَ طرح پيرسن زالون بہ هلت چلت ۾ پاڪ ٿيلن وانگر هجن، نہ گلا غيبت ڪندڙ، نہ شراب جي عادت واريون، پر چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن؛


تنهنڪري اوهين سڀ بدڪاري، سڀ ٺڳي ۽ رياڪاري، حسد ۽ سڀ بدگويون ڇڏي ڏيو.


ڏس، تو پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي تہ خداوند توکي اڄ هن غار ۾ منهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو هو: ۽ ڪنهن مون کي ائين بہ چيو هو تہ توکي ماريان: پر منهنجي اک توکي ڇڏي ڏنو: ۽ مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڌڻيءَ جي برخلاف هٿ نہ ڊگهيريندس؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو مسح ڪيل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ