Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 19:13 - Sindhi Bible

13 تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪج، نڪي انهيءَ کان ڪي ڦري وٺج: مزدور جي مزدوري سڄي رات، يعني صبح تائين پاڻ وٽ نہ رکج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪجو، نڪي کانئس ڪجھہ ڦري وٺجو. اوهين مزدور جي مزدوري هڪ رات لاءِ بہ پاڻ وٽ روڪي نہ رکجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 19:13
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو پنهنجي دوستن کي لٽ جي لاءِ ڇڏي ڏئي ٿو، تنهن جي اولاد جون بہ اکيون انڌيون ٿينديون.


جيڪڏهن مون انهيءَ جا ميوا پئسن کان سواءِ کاڌا آهن، يا انهن جي مالڪن جو ساهہ منهنجي معرفت نڪتو آهي:


جيئن ڪو ٻانهو ڏاڍي شوق سان ڇانوَ جو ڳولائو هجي، ۽ جيئن ڪو مزور پنهنجي مزوري لاءِ آيو هجي:


جيڪڏهن اهو ڪنهن جانور ڦاڙي ڇڏيو هوندو، تہ اهو شاهديءَ جي لاءِ کڻي آڻي حاضر ڪري؛ پوءِ جيڪي ڦاڙيو ويو هوندو تنهن جي لاءِ عيوضو ڀرڻو نہ پوندو.


پر جيڪڏهن انهي جو مالڪ ساڻس گڏ هوندو، تہ پوءِ هن کي عيوضو ڀرڻو نہ پوندو. جيڪڏهن اها ڀاڙي تي آندل هجي تہ انهي جو نقصان انهي جي ڀاڙي ۾ اچي ويو.


تون ڪنهن مسافر کي نہ ستائج، نڪي انهي تي ڪو ظلم ڪج؛ ڇالاءِ جو اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ مسافر هئا.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪي نقد پيسا يا ڪا جنس رکڻ لاءِ ڏئي، ۽ اهي انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر مان چورائجي وڃن، تہ جي چور هٿ اچي تہ هو انهي کان ٻيڻو ڀري ڏئي.


ٻن قسمن جا تورا ۽ ٻن قسمن جا ماڻ، ٻنهي کان خداوند کي نفرت آهي.


ڪنهن غريب کي انهيءَ ڪري نہ ڦر تہ هو غريب آهي. نڪي ڪنهن ڏکويل کي دروازي تي ستاءِ:


پنهنجي پاڙيسريءَ کي نہ چئُہ تہ وڃ ۽ وري اچ، ۽ سڀاڻي آءٌ ڏيندس؛ جڏهن اها تو وٽ موجود آهي.


ويل هجي انهي سان، جو پنهنجو گهر بي انصافيءَ سان ٿو اڏي ۽ پنهنجون ڪوٺيون ظلم سان؛ جو پنهنجي پاڙيسريءَ کان بيگار جو پورهيو وٺي ٿو ۽ اُن کي مزوري نٿو ڏئي؛


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين عدالت ۽ سچائيءَ جا ڪم ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو: ۽ مسافر ۽ يتيم ۽ بيوہ زال سان ناحق ۽ ظلم نہ ڪريو، نڪي هن هنڌ بي گناهہ جو رت هاريو.


۽ هن ڪنهن سان برائي نہ ڪئي هوندي، پر قرضدار کي سندس شيءِ موٽائي ڏني هوندائين، ڪنهن کي زور زبردستي سان نہ ڦريو لٽيو هوندائين. ۽ پنهنجي ماني بکايلن کي کارائي هوندائين ۽ اُگهاڙن کي ڪپڙو ڍڪايو هوندائين؛


تو ۾ هنن رشوتون وٺي رت وهايو آهي؛ تو وياج ۽ سود ورتو آهي، ۽ تو لالچي ٿي ظلم زبردستيءَ سان پنهنجن پاڙيسرين کي ڦريو آهي، ۽ مون کي وساريو اٿيئي؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.


انهي ملڪ جي ماڻهن ظلم ڪيو آهي، ۽ ڦر مچائي اٿن؛ هائو، هنن غريبن ۽ محتاجن کي ستايو آهي ۽ پرديسين سان ناحق زبردستي ڪئي اٿن.


۽ جڏهن تون ڪا شيءِ پنهنجي پاڙيسريءَ کي وڪڻين، يا پنهنجي پاڙيسريءَ کان خريد ڪرين، تہ اوهين هڪ ٻئي سان ظلم نہ ڪجو:


۽ اوهين هڪ ٻئي سان ظلم نہ ڪجو؛ پر تون پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان.


يا ڪا گم ٿيل شيءِ لڀي ۽ انهيءَ ۾ ڪپت ڪري، يا ڪوڙو قسم کڻي؛ يعني انهن سڀني مان ڪنهن هڪڙي جي ڪرڻ ڪري گنهگار ٿئي:


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ فتويٰ جي لاءِ اوهان کي ويجهو ايندس؛ ۽ جادوگرن، ۽ زناڪارن، ۽ ڪوڙن قسمن کڻندڙن جي برخلاف، ۽ انهن جي برخلاف بہ، جي پورهيت کي مزدوري نٿا ڏين، ۽ بيوهہ زالن ۽ يتيمن تي ظلم ٿا ڪن، ۽ ڌارين سان ناحق ٿا ڪن ۽ مون کان نٿا ڊڄن؛ انهن سڀني جي برخلاف آءٌ تکو شاهد ٿيندس.


۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن ڊاک جي باغ جي مالڪ پنهنجي ڪمدار کي چيو تہ ڪمين کي سڏي پوئين کان وٺي پهرئين تائين کين مزوري ڏي.


توکي حڪمن جي خبر آهي، تہ خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاهدي نہ ڀر، ٺڳي نہ ڪر، پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر.


تڏهن انهن کي چيائين تہ جيڪي اوهان کي ٺهرائي ڏنو اٿن، تنهن کان زيادہ ماڻهن کان پيڙي نہ وٺو.


۽ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ نسبت ۾ پنهنجي ڀاءُ سان زيادتي نہ ڪري، ۽ نڪي ساڻس ٺڳي ڪري، ڇالاءِ جو خداوند انهن سڀني ڳالهين جو بدلو ڏيندو، جيئن ڪ اسان اڳي بہ اوهان کي چتايو آهي.


ڇالاءِ جو پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ، ”جڏهن ڪو ڏاند اَن ڳاهي، تڏهن انهي جو وات نہ ٻَڌ“. ۽ ”مزور پنهنجي مزوريءَ جو حقدار آهي.“


ڏسو، جن مزورن اوهانجين ٻنين ۾ لابارو وڌو، تن جي مزوري، جا اوهان ٺڳي ڪري روڪي رکي ڇڏي، سا رڙيون پيئي ڪري: ۽ اُنهن لاهيارن جون دانهون لشڪرن جي خداوند جي ڪَنن تائين وڃي پهتيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ