۽ ابي سلوم جا نوڪر انهيءَ گهر ۾ انهيءَ زال وٽ آيا؛ ۽ چوڻ لڳا تہ اخيمعض ۽ يونتن ڪٿي آهن؟ ۽ انهيءَ زال ورندي ڏني تہ هو نهر جي پار لنگهي ويا؛ پوءِ هنن انهن کي ڳولهيو پر نہ لڌائون، تڏهن هو موٽي يروشلم ۾ آيا.
تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي گهر جي لالچ نہ ڪر؛ تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال يا سندس غلام، يا سندس ٻانهيءَ، يا سندس ڍڳي، يا سندس گڏهہ جي لالچ نہ ڪر؛ مطلب تہ پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن بہ شيءِ جي لالچ نہ ڪر.