Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 19:10 - Sindhi Bible

10 ۽ تون پنهنجي ڊاک جي منهہ جا سڀ ڇڳا ڇني گڏ نہ ڪج، نڪي پنهنجي ڊاک جا ڪريل داڻا چونڊي کڻج؛ پر اهي غريبن ۽ مسافرن لاءِ ڇڏي ڏج: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اوهين پنهنجي انگورن جي باغ جا رهجي ويل ڇڳا ٻيهر ڇني گڏ نہ ڪجو، نڪي پنهنجي انگورن جا ڪريل داڻا چونڊي کڻجو. اهي غريبن ۽ ڌارين لاءِ ڇڏي ڏجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 19:10
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڪي داڻا انهن ۾ رهجي ويندا، جيئن ڪي زيتون جي وڻ ۾ رهندا آهن جڏهن ان کي ڌوڻبو آهي، ٻہ يا ٽي داڻا تمام مٿانهين ٽاريءَ جي چوٽيءَ تي، ۽ چار يا پنج ڦردار وڻ جي تمام ٻاهرين ٽارين ۾.


ڇالاءِ جو زمين جي وچ ۾ قومن جو حال اهڙو ٿيندو جهڙو ڇنڊڻ کان پوءِ زيتون جو وڻ جو، يا جهڙو ڊاک چوندي گڏ ڪرڻ کان پوءِ منهہ جو.


جيڪڏهن ڊاک چونڊڻ وارا تو وٽ اچن، تہ جيڪر ڪي ڊاک جا داڻا ڇڏي نہ وڃن ڇا؟ جيڪڏهن چور رات جو اچن تہ جيڪر ايستائين ڦرلٽ نہ ڪن ڇا جيستائين ڪ کين ڪافي هٿ اچي؟


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان: تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ مقدس ٿيو؛ ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان. جيڪو بہ سرندڙ جيت زمين تي سري ٿو، تنهن سان اوهين پاڻ کي پليت نہ ڪجو:


اوهين چوري نہ ڪجو، نڪي هڪٻئي سان ڪپت ڪجو، يا ڪوڙ ڳالهائجو.


۽ پنجين ورهيہ اوهين ڀلي اُنهي جو ميوو کائجو تہ اوهان جي لاءِ انهن جو ڦل وڌيڪ ٿئي: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


۽ جڏهن اوهين پنهنجي زمين جو فصل لڻو، تڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جون سڀ ڪنڊون پاسا متان لڻين، نڪي لاباري وقت جيڪي پٽ تي ڪري، سو ميڙي گڏ ڪج.


۽ جڏهن اوهين پنهنجي زمين جو فصل لڻو، تڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جون سڀ ڪنڊون پاسا نہ لڻج، ۽ نڪي لاباري جي وقت جيڪي پٽ تي ڪري، سو ميڙي گڏ ڪج: اهو تون غريبن ۽ مسافرن لاءِ ڇڏي ڏج: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان.


۽ زمين جي سبت جي پيدائش اوهان جي کاڌي لاءِ رهندي؛ يعني تنهنجي لاءِ، تنهنجي نوڪر ۽ ٻانهيءَ جي لاءِ، ۽ تنهنجي پورهيت جي لاءِ، ۽ جيڪو مسافر تو وٽ ٽڪيل هجي تنهن جي لاءِ؛


جيڪڏهن چور تو وٽ اچن، جيڪڏهن ڌاڙيل رات جو کڻي اچن، (تون ڪهڙو نہ وڍجي ويو آهين!) تہ اُهي ايستائين نہ پيا چورائيندا ڇا جيستائين جيترو کپين اوترو کڻي وڃن؟ جيڪڏهن ڊاک چونڊيندڙ تو وٽ اچن، تہ اُهي ڪي داڻا جيڪر ڇڏي نہ وڃن ڇا؟


مون تي افسوس! ڇالاءِ جو منهنجو حال اهڙو آهي جهڙو گرميءَ جي ميوي گڏ ڪرڻ کانپوءِ ٿيندو آهي: ڪوبہ ڇڳو کائڻ لاءِ ڪونهي؛ منهنجي روح کي پهرئين پڪل انجير جي خواهش آهي.


جڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جو فصل لڻين، ۽ ٻنيءَ ۾ هڪڙو سنگ وساري ڇڏين، تڏهن اهو کڻڻ لاءِ وري نہ وڃج: اهو مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال لاءِ پيو رهي: انهي لاءِ تہ جنهن ڪم ۾ تون هٿ وجهين، تنهن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي.


جڏهن تون پنهنجي زيتون جي وڻ کي ڌوڻين، تڏهن ساڳين ٽارين تي ٻيو ڀيرو نہ وڃج: اهو مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال لاءِ پيو رهي.


جڏهن تون پنهنجي ڊاک جي منهہ جي ڊاک گڏ ڪرين، تڏهن جيڪا رهجي وڃي سا ٻيو ڀيرو گڏ نہ ڪج: اها مسافر، ۽ يتيم ۽ بيوہ زال لاءِ پيئي رهي.


تڏهن هن انهن کي چيو تہ مون اوهان جي مقابلي ۾ ڇا ڪيو آهي؟ افرائيم جي ڊاک جو چونڊو، ابيعزر جي انگور جي ڪل حاصلات کان بهتر ناهي ڇا؟


۽ روٿ موآبي نعوميءَ کي چيو تہ هاڻي مون کي ٻنيءَ ۾ وڃڻ ڏي تہ جيڪو مون تي مهرباني جي نظر ڪري تنهن جي پٺيان لڳي ان جا سنگ چونڊي گڏ ڪريان. تڏهن هن چيس تہ اي منهنجي ڌيءَ، ڀلي وڃ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ