Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 18:9 - Sindhi Bible

9 نڪي تون پنهنجي ڀيڻ جو، يا پنهنجي پيءُ جي ڌيءَ جو، يا پنهنجيءَ ماءُ جي ڌيءَ جو ننگ کولج، پوءِ اها گهر ۾ ڄائي هجي، يا ڪٿي ٻاهر ڄائي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اوهان پنهنجيءَ ڀيڻ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، پوءِ اها توهان جي پيءُ جي ڌيءَ هجي يا رڳو ماءُ جي. توڙي اها گھر ۾ پلي هجي يا ڪٿي ٻاهر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 18:9
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هڪڙي پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان بڇڙو ڪم ڪيو آهي؛ ۽ ٻئي پنهنجي ننهن کي شهوت جي رستي ناپاڪ ڪيو آهي؛ ۽ ٻئي وري پنهنجي ڀيڻ، يعني پيءُ جي ڌيءَ کي خراب ڪيو آهي.


تون پنهنجي پٽ جي ڌيءَ جو، يا پنهنجي ڌيءَ جي ڌيءَ جو ننگ نہ کولج: ڇالاءِ جو انهن جو ننگ خود تنهنجو ننگ آهي.


تنهنجي پيءُ جي زال جي ڌيءَ، جا تنهنجي پيءُ مان ڄائي هجي؛ اها تنهنجي ڀيڻ آهي، تنهن جو بہ ننگ تون نہ کولج.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀيڻ، يا پنهنجي پيءُ جي ڌيءَ، پاڻ وٽ ويهاري، ۽ سندس ننگ ڏسي، تہ اها شرم جي ڳالهہ آهي؛ اهي پنهنجيءَ قوم جي روبرو تباهہ ڪيا وڃن: انهي ماڻهوءَ پنهنجيءَ ڀيڻ جو ننگ کوليو آهي؛ هو پنهنجو گناهہ پاڻ کڻندو.


جيڪو ماڻهو پنهنجيءَ ڀيڻ، يعني پنهنجي پيءُ جي ڌيءَ، يا پنهنجي ماءُ جي ڌيءَ سان سمهي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ