Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 18:4 - Sindhi Bible

4 اوهين منهنجن حڪمن تي هلجو، ۽ اوهين منهنجن قانونن تي عمل ڪجو، ۽ انهن تي هلجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اوهين منهنجي حڪمن تي هلجو ۽ منهنجي قانونن تي عمل ڪجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 18:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ اُهي هن جي قانون کي مڃين، ۽ سندس شريعت تي عمل ڪن. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.


تو پنهنجا قاعدا ڏنا آهن، تہ اسين خبرداريءَ سان اُنهن تي عمل ڪريون.


آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. منهنجي قانونن تي هلو، ۽ منهنجي حڪمن جي سنڀال ڪريو ۽ انهن جي تعميل ڪريو:


۽ آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجهندس، ۽ اوهان کي پنهنجي قانونن تي هلائيندس، ۽ اوهين منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا.


۽ منهنجو ٻانهو دائود هن جي مٿان بادشاهہ ٿيندو؛ ۽ هنن سڀني جو هڪڙو ڌنار ٿيندو؛ هو منهنجن حڪمن تي بہ هلندا، ۽ منهنجي قانونن جي سنڀال ڪندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا.


تون بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


تنهنڪري اوهين قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪجو، ۽ انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ نہ ڪجو؛ نڪي گهرو، نڪي پرديسي جيڪي اوهان منجهہ رهندا هجن، انهن مان ڪو ڪم ڪن:


تنهنڪري اوهين منهنجن قانونن ۽ منهنجن حڪمن تي عمل ڪجو: جيڪو ماڻهو ائين ڪندو، سو انهن جي ڪري جيئرو رهندو: آءٌ خداوند آهيان.


اوهين منهنجن قانونن کي ياد رکجو. تون پنهنجي چوپائي مال کي جدا جنس سان لڳڻ نہ ڏج: تون پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻن قسمن جو ٻج گڏي نہ پوکج: ۽ نڪي تون ٻن شين مان اُڻيل ڪپڙي جي پوشاڪ ڍڪج.


اوهين منهنجا سڀ قانون، ۽ منهنجا سڀيئي حڪم مڃيندا رهجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.


تنهنڪري اوهين منهنجن سڀني قانونن ۽ منهنجن سڀني فيصلن کي ياد رکجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: انهي لاءِ تہ متان جنهن زمين ۾ رهڻ لاءِ آءٌ اوهان کي موڪليان ٿو، سا اوهان کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي.


اُهي ٻئي خدا جي حضور ۾ راستباز، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قاعدن تي بي قصور هلندڙ هئا.


جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن هلندا تہ منهنجا دوست آهيو.


هاڻي اهي حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا هي آهن، جن جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي سيکارڻ جو حڪم ڏنو آهي، انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين پار ٿا وڃو، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ