Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 18:3 - Sindhi Bible

3 مصر جو ملڪ جنهن ۾ اوهين رهندا هئا، انهن جهڙا ڪم اوهين متان ڪريو: ۽ ڪنعان جو ملڪ، جتي آءٌ اوهان کي وٺي ٿو هلان، انهن جهڙا ڪم بہ اوهين متان ڪريو: نڪي اوهين انهن جي قانونن تي هلجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اوهين مصر جي ملڪ وارن ماڻهن جهڙا ڪم نہ ڪجو، جتي اوهين رهندا هئا، نڪي وري ڪنعان جي ملڪ وارن ماڻهن جهڙا ڪم ڪجو، جتي آءٌ اوهان کي وٺي ٿو هلان. اوهين انهن جي رسمن تي نہ هلجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 18:3
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جن قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪلي ڪڍيو تن جي، ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي جوڙيل قانونن تي هليا.


اُٽلندو انهن قومن ۾ ملي ويا، ۽ انهن جا ڪم سکڻ لڳا:


تون انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو نہ ڪج، نہ انهن جي عبادت ڪج، نڪي انهن جهڙا ڪم ڪج، بلڪ تون انهن کي اصل ڊاهي ڇڏج، ۽ انهن جا ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏج.


هن مصر جي ڏينهن کان وٺي اڃا پنهنجون زناڪاريون نہ ڇڏيون آهن؛ ڇالاءِ جو هو سندس جوانيءَ ۾ ساڻس گڏ سمهيا، ۽ سندس ڪنوارپڻ وارا ڏُڪ نپوڙيا هئائون. ۽ هنن ساڻس خوب زنا ڪئي.


۽ جنهن قوم کي آءٌ اوهان جي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍان، تنهنجين رسمن تي اوهين نہ هلجو: ڇالاءِ جو انهن اهي سڀ ڪم ڪيا آهن، تنهنڪري مون انهن کان نفرت ڪئي.


۽ هن جهان جو نمونو اختيار نہ ڪريو: پر پنهنجيءَ دل جي نئون ٿيڻ ڪري بدلجي وڃو، تہ آزمودي مان سمجهي سگهو، تہ خدا جي چڱي، ۽ پسنديدہ، ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.


پر اوهين خداوند پنهنجي خدا سان ائين نہ ڪجو.


۽ اوهان انهن جون مڪروهہ شيون ڏٺيون، ۽ انهن وٽ جيڪي ڪاٺ ۽ پهڻ، ۽ چانديءَ ۽ سون جا معبود هئا سي بہ ڏٺا):


جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي، تڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئج، تہ منهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري خداوند مون کي هن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ هتي وٺي آيو آهي: بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي سببان خداوند انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ