Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 18:26 - Sindhi Bible

26 تنهنڪري اوهين قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪجو، ۽ انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ نہ ڪجو؛ نڪي گهرو، نڪي پرديسي جيڪي اوهان منجهہ رهندا هجن، انهن مان ڪو ڪم ڪن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 تنهنڪري اوهين بني اسرائيل توڙي اوهان سان گڏ رهندڙ ڌاريا سڀيئي منهنجي قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪجو ۽ انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ نہ ڪجو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 18:26
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اُنهيءَ ملڪ ۾ لونڊي باز ماڻهو بہ هئا: جن قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو، تن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جهڙا هو ڪم ڪندا هئا.


۽ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن منجهہ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو، تہ انهي رت کائڻ واري ماڻهوءَ کان آءٌ پنهنجو منهن ڦيرائيندس، ۽ انهن کي سندس قوم مان تباهہ ڪندس.


۽ تون انهن کي چئُہ تہ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو بہ ماڻهو سوختني يا ٻي ڪا قرباني پيش ڪري،


۽ اها زمين بہ پليت ٿيل آهي: تنهنڪري آءٌ انهن کي سندن بدڪاري جي سزا ڏيندس، اهڙي جو زمين پنهنجن رهاڪن کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏيندي.


(ڇالاءِ تہ جيڪي اوهان کان اڳي انهيءَ زمين جا رهاڪو هئا، تن اهي سڀ مڪروهہ ڪم ڪيا آهن، ۽ اها زمين پليت آهي؛)


تنهنڪري اوهين منهنجو حڪم مڃيندا رهجو، انهي لاءِ تہ اوهان کان اڳي جيڪي مڪروهہ رسمون ۽ ڪم ڪيا ويا هئا، تن مان اوهين ڪوبہ نہ ڪريو، ۽ نڪي انهن جي ڪري پاڻ کي پليت ڪريو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


تنهنڪري اوهين منهنجن قانونن ۽ منهنجن حڪمن تي عمل ڪجو: جيڪو ماڻهو ائين ڪندو، سو انهن جي ڪري جيئرو رهندو: آءٌ خداوند آهيان.


تنهن تي هن چيو، تہ هائو، پر وڌيڪ مبارڪ آهن اُهي، جي خدا جو ڪلام ٻُڌن ٿا ۽ ان تي عمل ٿا ڪن.


پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا سي اُهي آهن، جي ڪلام ٻڌي سچيءَ ۽ سالم دل ۾ اُن کي سانڍيو رکن ٿا، ۽ صبر سان ڦل پيا اُپائين.


جي اوهين مون کي پيار ٿا ڪريو، تہ منهنجن حڪمن تي هلو.


جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن هلندا تہ منهنجا دوست آهيو.


جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ تون نڪي انهيءَ ۾ ڪجهہ وڌائج، نڪي انهيءَ مان ڪجهہ گهٽائج.


۽ هن جا قانون ۽ هن جا حڪم، جي اڄ آءٌ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪر، تہ تنهنجو ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ